Book Name:Isteqbal-e-Mah-e-Ramzan

عصر ۽ تراويح کان پوءِ مدني مذاڪري جي لاءِ وقت عطا فرمائيندا آهن جيڪو مدني چينل تي براءِ راست ڏيکاريو ويندو آهي سڀني اسلامي ڀينرن کي التجاء آهي ته لازمي هنن ٻنهي مدني مذاڪرن ۾ پاڻ به شرڪت ڪن بلڪ گهر جي ٻين ڀاتين کي به اهتمام سان هنن مدني مذاڪرن کي ڏيکارڻ جي ترڪيب بڻائن. اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ علم ۽ حڪمت جا بيشمار موتي ملندا.

ايندڙ هفتيواراجتماع جي بيان جون جھلڪيون

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون!اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ! آئنده هفتيوار اِجتماع جي بيان جو موضوع هوندو ” ٻارن تي مصطفٰي ڪريم جي شفقت“حضورِاڪرم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ٻارن سان ڪيتري قدرمحبت ۽ شفقت جو ورتاءُ ڪندا هئا، هن باري ۾ ڪجهه حڪايتون ۽ روايتون بيان ڪيون وينديون. ٻارن سان ڪهڙي طرح جو ورتاءُ ڪرڻ گهرجي، هن باري ۾ به ڪجهه مدني گل بيان ڪيا ويندا. ٻارن جي تربيت جي اهميت ۽ ان ۾ ڪهڙين ڳالهين جو لحاظ رکڻ گهرجي، اهو به بيان ڪيو ويندو. تنهنڪري! آئنده اربع به اجتماع ۾ حاضري جي نيت ڪريو، نه صرف پاڻ اچڻ جي بلڪ انفرادي ڪوشش ڪري ٻين کي به گڏ آڻڻ جي نيت ڪريو ۽ هٿ کڻي زور سان چئو اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ.

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                   صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد