Sachi Tauba Shab-e-Braat 1440

Book Name:Sachi Tauba Shab-e-Braat 1440

موت کا دیکھو اِعلان کرتا ہوا                                     سُوئے گورِ غَریباں جنازہ چلا

کہتا ہے، جامِ ہستی کو جِس نے پِیا                                  وہ بھی میری طرح قَبْر میں جائیگا

تم اے بوڑھو سنو! نوجوانو سُنو!                                  اے ضعیفو سُنو! پہلوانو سُنو!

موت کو ہر گھڑی سَر پہ جانو سُنو                                  جَلد تَوبہ کرو میری مانو سُنو!

(وسائلِ بخشش مرمم، ص۶۵۴)

 صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                    صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

  پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اهي بزرگ حضرت سَيدُنا خواجه حسن بصري رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه هئا، شروع ۾ پاڻ هيرن موتين جو واپار ڪندا هئا پر اهو ئي واقعو سندن دنيا کان بي رغبتي جو سبب بڻيو ۽ ان کان پوءِ پاڻ اهڙي عبادت ۽ رياضت ڪيائون جو وقت جي تمام اوليائن تي سبقت حاصل ڪري ويا۔ (تذڪرة الاوليا، ص۳۴ و ۳۶)

 موت اچي ڪري ئي رهندو ياد رک

      پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! هن حڪايت مان اهو مدني گل حاصل ٿيو ته موت کان فرار ٿيڻ ممڪن ئي ناهي، موت بَر حق آهي، موت هڪ اهڙي حقيقت آهي جنهن جو اِنڪار مُمڪن ناهي۔ يقيناً جنهن جاندار زِندگي جو جام پيتو آهي ان کي موت جو پيالو به پيڻو آهي۔ اَمير هجي يا غريب، بادشاھ هجي يا وزير، چوڪيدار هجي يا دُڪاندار، پروفيسر هجي يا اڻ پڙھيل، عالِم هجي يا غيرِ عالِم، مُسلم هجي يا غير مُسلم جنهن به حيثيت وارو ڪوئي انسان هجي ان کي ضرور موت جو مزو چکڻو پوندو۔ اسان دُنيا جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ پهچي وڃون ۽ پنهنجي طور تي موت کان بچڻ جي لاءِ چاهي ڪيترا ئي انتظام ڪريون، پر موت کان ڪنهن به صورت ۾ پيڇو نٿا ڇڏائي سگھون ۔ قرآنِ پاڪ ۾ اهو ئي مضمون ڪيئي هنڌن تي بيان ٿيو آهي۔ جيئن سيپاري 4 آلِ عمران جي آيت نمبر 185 ۾ اِرشاد آهي۔