Sachi Tauba Shab-e-Braat 1440

Book Name:Sachi Tauba Shab-e-Braat 1440

جي سفارش جي ذريعي ۽ جيڪڏهن اسان جي شفاعت جي ذريعي توکي موت کان بچائي سگھجي ها ته اسان اهو سڀ ڪجھ ڪيون ها ۽ توهان کي هن حال تائين نه پهچڻ ڏيون ها، پر ڳالھ هي آهي ته موت جڏهن ايندو آهي ته نه شفاعت ڪم ايندي آهي، نه سفارش فائدو ڏيندي آهي ۽ نه ئي دعائون ڪارگر ٿينديون آهن ۽ موت جڏهن پنهنجو شڪار ڪندو آهي ته مهلت ناهي ڏيندو۔ اهو چئي اهي به هليا ويندا آهن (4) پوءِ حسين ۽ جميل ڇوڪرين جو هڪ ٽولو اندر ويندو آهي ۽ اهي وڃي ان شهزادي جي قبر تي چونديون آهن۔’’اي شهزادا! جيڪڏهن اسان جي حُسن ۽ جمال جي ذريعي، جيڪڏهن اسان جي ادائن جي ذريعي، جيڪڏهن اسان جي جواني جي ذريعي ۽ جيڪڏهن اسان جي رنگ ۽ روپ جي ذريعي توهان کي موت جي منهن مان بچائي سگھجي ها ته اسان سڀئي پنهنجون جوانيون قربان ڪري ڇڏيون ها۔ پر حقيقت اها آهي ته جڏهن موت ايندو آهي ته ڪا شيء به ان کي ٽاري ناهي سگھندي۔ اهو چئي اهي به هليون وينديون آهن۔ (5) ان کان پوءِ بادشاھ وزيرن سان گڏ اندر ويندو آهي، ۽ بادشاھ به اهي ئي جملا چوندو آهي ته اي پٽڙا! جيڪو ڪجھ مون وٽ هو اهو سڀ مون توکي ٻڌايو ۽ سڀ ڪجھ ڏيکاري ڇڏيو، جيڪڏهن اها بادشاھت، جيڪڏهن اها وزارت، جيڪڏهن اها طاقت، جيڪڏهن اها شان ۽ شوڪت، جيڪڏهن اها جاھ ۽ حَشمَت، جيڪڏهن اهو سڀ ڪجھ توکي موت جي منهن مان بچائي سگھي ها ته مان سڄو ملڪ تو تي قربان ڪري ڇڏيان ها، بادشاھت تو تي قربان ڪري ڇڏيان ها پر توکي زندھ رکان ها، پنهنجي اکين آڏو رکان ها، تو کي مرڻ نه ڏيان ها، پر حقيقت اها ئي آهي ته جڏهن موت ايندو آهي ته بادشاھ جي بادشاھت ناهي بچائي سگھندي، وزيرن جي وزارت ناهي  بچائي سگھندي، طبيبن جي طِب ناهي بچائي سگھندي، طاقتورن جي طاقت ناهي بچائي سگھندي، حسينائن جو حُسن ۽ جمال ناهي بچائي سگھندو، مطلب ته! دنيا جي ڪا به شيء موت کان نٿي بچائي سگھي۔ بادشاھ اهي جملا چوندو آهي ۽ پوءِ ٻيهر هڪ سال جي لاءِ الوداع چئي موٽي ايندو آهي۔