Sachi Tauba Shab-e-Braat 1440

Book Name:Sachi Tauba Shab-e-Braat 1440

شهزادو گھڻو خوبصورت هو، هر طرح جي علم ۽ فن ۾ ماهر هو، ميدانِ جنگ جو ماهر، وڏو دلير ۽ بهادر هو، اوچتو اهو بيمار ٿي پيو، وڏن وڏن ماهر حڪيمن کان ان جو علاج ڪرايو ويو پر سڀئي عاجز اچي ويا ۽ بالآخراهو شهزادو مري ويو۔ هر سال ۾ هڪ ڀيرو بادشاھ ان جي قبر تي ايندو آهي۔(1) سڀ کان پهريان وڏا وڏا سپه سالار هن خيمي جي اندر ويندا آهن ۽ وڃي چوندا آهن: ”اي معزز شهزادا! جيڪڏهن اسان جي طاقت جي ذريعي، جيڪڏهن اسان جي اسلحي جي ذريعي، جيڪڏهن اسان جي تِيرن ۽ تلوارن جي ذريعي، جيڪڏهن اسان جي قوت ۽ طاقت جي ذريعي، جيڪڏهن اسان جي لشڪر ۽ فوج جي ذريعي توهان کي موت جي چنبي مان بچائي سگھجي ها ته اسان پنهنجي سڄي طاقت لڳائي ڇڏيون ها، پنهنجو سڄو زور لڳايون ها، سڄو اسلحو خرچ ڪيون ها ۽ توهان کي موت جي منهن کان بچائي وٺون ها، پر ڳالھ هي آهي ته جڏهن موت ايندو آهي ته نه لشڪر ڪم ايندا آهن، نه طاقت ڪم ايندي آهي ۽ نه هٿيار ڪم ايندو آهي۔ اهو چئي ڪري اهي هليا ويندا آهن۔(2) پوءِ ان کان بعد پوڙها ويندا آهن جيڪي ملڪ جا چُونڊيل طبيب ۽ ڊاڪٽر هئا اهي به وڃي انهيءَ طرح جا جملا چوندا آهن ته اي شهزادا! جيڪڏهن اسان جي طِب جي ذريعي، جيڪڏهن اسان جي دوائن جي ذريعي، جيڪڏهن اسان جي مهارت جي ذريعي، جيڪڏهن اسان جي سمجھ داري جي ذريعي، جيڪڏهن اسان جي سڄي زندگي جي تجربن جي ذريعي توکي موت جي منهن کان بچائي سگھجي ها ته اسان تمام دوائون لڳائي ڇڏيون ها، تمام مهارتون خرچ ڪيون ها، زندگي جا تمام تجربات ڪم آڻي توکي موت جي منهن کان بچايون ها، پر ڳالھ هي آهي ته جڏهن موت ايندو آهي ته نه طِب ڪم ايندو آهي نه طبيب ڪم ايندو آهي، نه دوا ڪم ايندي آهي نه دوا بنائڻ وارو ڪم ايندو آهي ۽ موت زندگي کي ختم ڪري ڇڏيندو آهي۔(3) پوءِ ان کان بعد اسان جا وڏا وڏا عالم ان وٽ ويندا آهن ۽  وڃي چوندا آهن ته اي شهزادا! جيڪڏهن اسان جي دعائن جي ذريعي، جيڪڏهن اسان جي علم جي ذريعي، جيڪڏهن اسان