Sachi Tauba Shab-e-Braat 1440

Book Name:Sachi Tauba Shab-e-Braat 1440

پنهنجي پاڻ کي الله پاڪ جي عبادت ۾ مصروف ڪندو آهي ۽ دُنيا جي ان تمام مصروفيتن کان جدا ٿي ويندو آهي جيڪي الله پاڪ جي قُرب جي راھ ۾ حائل ٿينديون آهن ۽ مُعتَڪف جو سمورو وقت حَقيقةً يا حُڪماً نَماز ۾ گذرندو آهي۔ (ڇوته نَماز جو انتِظار ڪرڻ به نماز جيان ثواب رکي ٿو) ۽ اعتِڪاف جو اَصل مقصد جماعت سان نَماز جو انتِظار ڪرڻ آهي ۽ مُعتَڪف ان (ملائڪن) کان مُشابَهت رکي ٿو جيڪي الله پاڪ جي حڪم جي نافرماني نه ڪندا آهن ۽ جيڪو انهن کي حُڪم ملندو آهي ان کي ادا ڪندا آهن ۽ انهن سان مُشابَهت رکي ٿو جيڪي ڏينهن رات الله پاڪ جي تسبيح (پاڪي) بيان ڪندا رَهندا آهن ۽ ان کان بيزار ناهن ٿيندا۔ (فتاوي عالمگيري ج۱ ص۲۱۲)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ڏٺو اوهان ته اِعتڪاف دَوران نيڪيون ڪرڻ جا ڪيتري قدر مَوقعا ملندا آهن، اسان کي به هر سال نه سهي گھٽ مان گھٽ زندَگي ۾ هڪ ڀيري هن اَداءِ مصطَفٰي کي اَدا ڪندي سڄي مهيني رَمَضانُ الْمُبارَک جو اِعْتِڪاف ڪرڻ گھرجي ۽ ٻين کي به ان جي ترغيب ڏيارڻ گھرجي۔اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ هن سال به دعوتِ اسلامي تحت سڄي مهيني رمضان ۽ آخري عشري جي سُنّت اعتڪاف جي ترڪيب ٿيندي، دُنياءِ دعوتِ اسلامي ۾ سڀ کان وڏو اعتڪاف عالمي مدني مرڪز فيضانِ مدينه بابُ المدينه (ڪراچي) ۾ ٿيندو آهي، جنهن ۾ هن سال به اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ اميرِاهلسُنَّت، باني دعوتِ اسلامي حضرت علامه مولانامحمدالياس عطارقادِري دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ به معتڪف ٿيندا، اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ اعتڪاف ۾ وضو و غسل، نماز و روزي ۽ ٻين شرعي مسئلن سان گڏوگڏ روزانو ٻن 2مدني مذاڪرن جي ذريعي اميرِاهلسُنَّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ سان ڪيل سُوالن جا دِلچسپ ۽ علم وحڪمت سان ڀرپُور جوابن سان معلومات جو وڏو خزانو به هٿ ايندو آهي۔ اميرِاهلسُنَّت هي مُبارڪ صحبت ملندي آهي، عالمي مدني مرڪزفيضانِ مدينه باب المدينه ڪراچي ۾ ٿيڻ واري سڄي رمضان جي اِعتڪاف جي تيارين کي مزيد تيز ڪريو۔