Sachi Tauba Shab-e-Braat 1440

Book Name:Sachi Tauba Shab-e-Braat 1440

ياد رکو! رمضان ۾ نيڪيون وڌائڻ، پاڻ کي گُناهن کان بَچائڻ ۽ خُوب خُوب علمِ دِين حاصل ڪرڻ جو هڪ بهترين ذَريعو سڄي رمضان يا آخري عشري جو اِعتڪاف به آهي ۽ اعتڪاف جي فضيلت جو اندازو هن حديثِ پاڪ مان لڳايو ته

اُمّ المُؤمنِين حضرت سَيدَتُنا عائِشه صِدّيقه رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهَاکان رِوايت آهي ته سرڪارِ ابدقرار، شفيعِ روزِ شمار صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمانِ خوشبودار آهي: مَنِِ اعْتَکفَ اِيمانًا وَّاِحْتِسَابًا غُفِرَلَه مَاتَقَدَّمَ مِنْ ذَنْبِهٖ يعني جنهن شخص ايمان سان ثواب حاصل ڪرڻ جي نيّت سان اعتڪاف ڪيو ان جا تمام پويان گناهه بخشيا ويندا۔ (جامع صغير، ص۵۱۶،حديث:۸۴۸۰)

هڪ ٻي حديثِ پاڪ ۾ آهي: جنهن رَمَضانُ المبارَڪ ۾ 10 ڏينهن اِعتڪاف ڪيو ته هي ان جي لاءِ ٻه حج ۽ ٻه عُمرا ڪرڻ وانگر آهي۔ (شعب الايمان ،باب في الاعتڪاف ،۳/۴۲۵،حديث: ۳۹۶۶)

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! ٿي سگھي ته هر سال نه ته زِندگي ۾ گھٽ مان گھٽ هڪ ڀيرو ته سڄي رَمَضانُ المبارَڪ جو اِعتڪاف ڪرڻ ئي گھرجي۔اسان جا پيارا آقا، مٺا مٺا مُصطَفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ الله پاڪ جي رِضا جي لاءِ هروقت ڪمربَسته رهندا هئا ۽ خصُوصاً رَمَضان شريف ۾ عبادت جو خُوب اهتِمام ڪندا هئا۔ جيئن ته رَمَضان جي مهيني ۾ ئي شبِ قدر کي به پوشيده رکيو ويو آهي، ان ڪري ان مُبارَڪ رات کي ڳولڻ جي لاءِ پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ هڪ ڀيرو سڄي مبارَڪ مهيني جو اعتِڪاف ڪيو۔ ۽ ائين به مسجِد ۾ رهڻ نهايت وڏي سَعادَت آهي ۽ مُعتَڪف جي ته ڇا ڳالھ آهي جو رِضاءِ الهٰي حاصل ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي پاڻ کي سڀني مصروفيتن کان فارِغ ڪري مسجِد ۾ ويهي رهندو آهي۔ فتاويٰ عالمگيري ۾ آهي؛ ''اعتِڪاف جون خوبيون بلڪل ئي ظاهر آهن، ڇوته هن ۾ ٻانهو الله پاڪ جي رِضا حاصل ڪرڻ جي لاءِ مڪمَّل طور تي