Sachi Tauba Shab-e-Braat 1440

Book Name:Sachi Tauba Shab-e-Braat 1440

٭ ضرورت پوڻ تي ٻين جي لاءِ سِرڪي جاءِ ڪشاده ڪندس ٭ ڌِڪو وغيره لڳو ته صبر ڪندس، گھوري ڏسڻ ۽ اَٽڪڻ کان بچندس ٭ صَـلُّـوا عَلَي الحَبِيـب! اُذکُرُالله , تُوبُوا اِلَـي الله! وغيره ٻڌي ثواب ڪمائڻ ۽ صدا لڳائڻ وارن جي دِل جوئي جي لاءِ بلند آواز سان جواب ڏيندس ٭ بيان کان پوءِ پاڻ اڳتي وڌي سلام، مصافحو ۽ انفرادي ڪوشش ڪندس۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! ٭ اڄ شبِ بَراءَت آهي، بَراءَت جو مطلب آهي ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ، آزادي حاصل ڪرڻ، نجات ماڻڻ۔ ته ڄڻ ٭ اڄ جهنم کان آزادي حاصل ڪرڻ جي رات آهي، ٭ اڄ عذابِ قبر کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ جي رات آهي، ٭ اڄ الله جي عذاب کان هميشه جي نجات حاصل ڪرڻ جي رات آهي۔ ٭ اڄ الله پاڪ جون رحمتون ماڻڻ جي رات آهي، ٭ اڄ ڀلائين وري رات آهي، ٭ اڄ دعائن جي قبوليت واري رات آهي، ٭ اڄ بخشش ماڻڻ واري رات آهي، ٭ اڄ سعادت منديون پنهنجي نانءُ لکرائڻ جي رات آهي، ٭ اڄ پنهنجي گناهن کان معافي گھرڻ جي رات آهي، ٭ اڄ ربِّ ڪريم کي راضي ڪرڻ جي رات آهي، ٭ اڄ سچي ۽ پڪي توبه ڪرڻ جي رات آهي۔ انهيءَ مناسبت سان اڄ اسان سچي توبه بابت ڪجھ مدني گل ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪنداسين، اچو! سڀ کان پهريان سچي توبه بابت هڪ حڪايت ٻڌون ٿا:

دل تي اثر ٿي ويو

     الله جي ولي، حضرت شيخ فريدُ الدين عطّار رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه پنهنجي ڪتاب ”تذڪرة الاوليا“ ۾ هڪ بزرگ جي دنيا کان منهن موڙڻ ۽ ربّ جي عبادت ڏانهن مشغول ٿيڻ جو واقعو ڪجھ هن طرح بيان ڪيو آهي ته اهو بزرگ هيرن ۽ جواهرن جو هڪ تمام وڏو واپاري هو۔ پنهنجو مال دولت کڻي وڏن وڏن بادشاھن، اميرن ۽ وزيرن وٽ ويندو هو۔ هڪ ڀيري پنهنجي واپار جي