Sachi Tauba Shab-e-Braat 1440

Book Name:Sachi Tauba Shab-e-Braat 1440

مغفرت کا ہوں تجھ سے سُوالی                                                                   پھیرنا اپنے در سے نہ خالی

مجھ گنہگار کی اِلتجاء ہے                                   یاخُدا تجھ سے میری دُعا ہے

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد 

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! هن حڪايت مان جتي اهو معلوم ٿيو ته سچي توبهه الله پاڪ جي بارگاھ ۾ ضرور قبول ٿيندي آهي، اتي اهو به معلوم ٿيو ته مرحومين جي لاءِ ڪيو ويندڙ ايصالِ ثواب جيڪڏهن صدقِ دل ۽ خلوصِ نيت سان ڪيو وڃي ته گناهگارن جي به بخشش ٿي ويندي آهي۔ اڄ شبِ براءت آهي، کوڙ عاشقانِ رسول 15 شعبان جو اِهتمام سان پنهنجي مرحومين کي ايصالِ ثواب ڪندا آهن، يقيناً اهو هڪ وڏو فائديمند ۽ سٺو ڪم آهي، جنهن سان زندن سان گڏ مُردن کي به فائدو ٿيندو آهي۔ مديني جي سلطان، اُمت تي مهربان، رحمتِ جهان صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايائون: منهنجي اُمّت گناھ سَميت قَبر ۾ داخِل ٿيندي ۽ جڏهن نڪرندي ته بي گناھ هوندي ڇوته اها مؤمنن جي دعائن سان بَخشي ويندي آهي۔ (اَلْمُعْجَمُ الْاَ وْسَط،۱/۵۰۹،حديث۱۸۷۹)

هن حديثِ پاڪ مان به اها ترغيب ملي رهي آهي ته اسان پنهنجي مُردن جي لاءِ خوب ايصالِ ثواب ڪريون ۽ انهن جي لاءِ دعائون گھرون۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

      پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي ته اجتماعي طور تي گناهن جي ڪثرت ٿي ويندي آهي، جنهن جي نحوست سان ڪڏهن بارش کان محرومي ٿي ويندي آهي ته ڪڏهن قتل و غارت گري وڌي ويندي آهي۔ ڪڏهن بي برڪتي جي ڪثرت ٿي ويندي آهي ته ڪڏهن ڏڪار اچي پوندو آهي۔ ڪڏهن امن جو خاتمو ٿي ويندو آهي ته ڪڏهن دشمن جو خوف مسلط ٿي