Sachi Tauba Shab-e-Braat 1440

Book Name:Sachi Tauba Shab-e-Braat 1440

خوفِ خدا ۽ توبهه

   پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! غور ڪريو! اهو بادشاھ جيڪو دنيا جي رنگينين ۾ مست ٿي ويو، پنهنجي آخرت ۽ قبر کي وساري ويٺو، آخر ۾ ان تي ڪهڙو ڪرم ٿيو ۽ مرڻ کان ڪجھ دير پهريان ئي ان پنهنجي گناهن کان توبهه ڪئي ۽ رحمتِ الٰهيء ان کي پنهنجي آغوش ۾ وٺي ورتو۔ ان بادشاھ جي توبهه ڏانهن مائل ٿيڻ جي بنيادي وجھ ان غيبي آواز جو اچڻ ۽ ان جي سبب ان جي دل ۾ خوفِ خدا جو پيدا ٿيڻ هو۔ هن ۾ ڪو شڪ ناهي ته جڏهن ٻانهي کي گناهن تي شرمندگي ٿئي ۽ گناهن کي ياد ڪري خوفِ الٰهي سان ان جي اکين مان لڙڪ نڪرن ته ٻانهو توبه ڏانهن مائل ٿيندو آهي، يقيناً ڪا اهڙي خوش قسمت گھڙي ٿيندي آهي جڏهن ٻانهي جي دل چوٽ کائيندي آهي ۽ ان ۾ خوفِ خدا جو جذبو بيدار ٿيندو آهي جيڪو ان کي سچي توبهه ڏانهن وٺي ويندو آهي۔ لهٰذا سچي توبهه جي لاءِ ضروري آهي ته دل ۾ خوفِ خدا بيدار ڪيو وڃي۔ ٭ خوفِ خدا هڪ تمام وڏي نعمت آهي، ٭ خوفِ خدا جي ڪري گناهن کان بچڻ آسان ٿي ويندو آهي۔ ٭ خوفِ خدا نيڪين ڏانهن رغبت پيدا ڪرڻ جو بهترين نسخو آهي۔ ٭ خوفِ خدا ايمان جي مضبوطي جي نشاني آهي، ٭ خوفِ خدا الله پاڪ جي معرفت ۽ قُرب ماڻڻ جو ذريعو آهي۔ ٭ خوفِ خدا ظاهر به صاف ڪندو آهي ۽ باطن کي به جڳمڳائي ڇڏيندو آهي۔ ٭ خوفِ خدا جي برڪت سان شريعت جي پاسداري نصيب ٿيندي آهي ٭ خوفِ خدا کان قبر ۾ به اُجالا هوندا ۽ ٭ خوفِ خدا محشر جي پريشانين کان به بچائيندو۔ اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ۔

مطلب ته توبهه هڪ اهڙي صفت آهي جيڪا ٻانهي ۾ ڪيئي نيڪ خوبين ۽ چڱي عادتن جي پيدا ٿيڻ جو سبب آهي۔ اچو! اهو به ٻڌون ٿا ته خوفِ خدا جي معني ڇا آهي، جيئن شيخِ طريقت،اَمِيرِ اهلسنّت،باني دعوتِ اسلامي حضرت ِ علّامه مولانا ابُو بلا ل محمد الياس عطّار قادِري رَضَوِي ضِيائي دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ پنهنجي مايه ناز تاليف ڪفريه ڪلمات ڪي بارے ۾ سوال جواب صفحي 26