Sachi Tauba Shab-e-Braat 1440

Book Name:Sachi Tauba Shab-e-Braat 1440

محسوس ڪري رهيا آهيو؟ چيائين: مان پنهنجي دل تي ڪجھ بار محسوس ڪري رهيو آهيان۔ مون کي لڳي ٿو ته اهو منهنجي موت جو پيغام آهي۔ ماڻهن چيو: اهڙي ڪا ڳالھ ناهي، اوهان جي عمر دراز ٿئي! اوهان جي قسمت بلند ٿئي! اوهان پريشان نه ٿيو۔ پوءِ بادشاھ ماڻهن ڏانهن توجھ نه ڏني، ان جي دل چوٽ کائي چڪي هئي۔ غيبي آواز ان جو سڄو عيش ختم ڪري ڇڏيو، هو روئندي چوڻ لڳو: توهان منهنجا بهترين دوست ۽ ڀاءُ آهيو، توهان منهنجي لاءِ ڇا ڪري سگھو ٿا؟ ماڻهن چيو: عالي جاه! اوهان جيڪو چاهيو حڪم فرمايو، اوهان جو هر حڪم مڃيو ويندو۔ بادشاھ شراب جا تمام ٿانوء ڀڃي ڇڏيا۔ ان کان پوءِ بارگاھِ خداوندي ۾ هن طرح عرض گذار ٿيو: اي منهنجا پاڪ پَروَردگار! مان توکي ۽ هتي موجود تنهنجن ٻانهن کي گواھ بڻائي تو ڏانهن رجوع ۽ پنهنجي تمام گناهن ۽ زيادتين تي نادِم ٿي توبهه ڪيان ٿو۔ اي منهنجا خالق! جيڪڏهن تون مون کي دنيا ۾ ڪجھ مدت اڃان باقي رکڻ چاهين ٿو ته مون کي دائمي اطاعت ۽ فرمانبرداري جي راھ تي هلاءِ، جيڪڏهن مون کي موت ڏئي پاڻ ڏانهن سڏڻ چاهين ته مون تي ڪرم ڪري ڇڏ ۽ پنهنجي ڪرم سان منهنجي گناهن کي بخشي ڇڏ۔ بادشاھ اهڙي طرح مصروفِ التجا رهيو ۽ ان جو درد وڌندو ويو۔ پوءِ ان انهن ڪلمن جي تڪرار شروع ڪري ڇڏي: الله جو قسم! موت!! الله جو قسم! موت!! بس اهي ئي جملا ان جي زبان تي جاري هئا ته ان جو انتقال ٿي ويو۔ ان دور جا فقهاءِ ڪرام رَحْمَة اللّٰه عَلَيهم اَجْمَعِين فرمائيندا هئا: هن بادشاھ جو خاتمو تَوبهه تي ٿيو آهي۔ (عيون الحڪايات ،ص۴۰۴ ملخصاً)

یاخُدا میری مغفرت فرما                      باغِ فردوس مَرحَمت فرما

تُو گُناہوں کو کر مُعاف اللہ!                  میری مقبول مَعذرت فرما

مُصطفےٰ کا وسیلہ توبہ پر                          تُو عنایت مُداوَمت فرما

(وسائلِ بخشش مُرمّم،ص۷۵)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد