Book Name:Sachi Tauba Shab-e-Braat 1440
اهو خواب حضرت سيدنا حسن بصري رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه کي ٻڌايو. پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه اهو ٻڌي ڏاڍا غمگين ٿيا. ڪجهه عرصي کان پوءِ حضرت سيدنا حسن بصري رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه خواب ۾ هڪ ڇوڪريءَ کي ڏٺو. جيڪا جنّت ۾ هئي ۽ ان جي مٿي تي تاج (Crown) پاتل هو. ان چيو: ڇا اوهان مون کي نه سڃاتو، مان انهيءَ عورت جي ڌيءُ آهيان، جنهن اوهان کي منهنجي حالت ٻڌائي هُئي، حضرت حسن بصري رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمايو: ڪهڙي سبب جي ڪري آئون توهان جي حالت بدليل ڏسي رهيو آهيان؟” مرحومه چوڻ لڳي: قبرستان جي قريب کان هڪ شخص گذريو ۽ ان شخص نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تي درود شريف موڪليو، ان جي درود شريف جي برڪت سان الله پاڪ اسان 550 قبر وارن تان عذاب کڻي ورتو. (مڪاشفۃ القلوب، الباب السابع، ص ۲۴ بتغير قليل)
لاج رکھ لے گنہگاروں کی نام رَحمٰن ہے ترا یاربّ!
بے سبب بخش دے نہ پوچھ عمل نام غفّار ہے تِرا یاربّ!
(ذوقِ نعت،ص۸۴)
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! ثواب حاصل ڪرڻ خاطر بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نِيّتون ڪري وٺون ٿا. فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ: ”نِيَّةُ الۡمُؤۡمِنِ خَيۡرٌ مِّنۡ عَمَلِه“ يعني مسلمان جي نِيّت ان جي عمل کان بهتر آهي. (المعجم الڪبير،سهل بن الساعدي...الخ ج 6، ص 185، الحديث: 5942)
ٻه مدني گُل: (1) بغير سٺي نيّت جي ڪنهن به نيڪ عمل جو ثواب ناهي ملندو.
(2) جيتريون سٺيون نِيّتون وڌيڪ، اوترو ثواب به وڌيڪ.
٭ نگاهون جھڪائي پوري توجھ سان بيان ٻڌندس ٭ ٽيڪ لڳائي ويهڻ بدران علمِ دين جي تعظيم خاطر جيترو ٿي سگهيو ٻئي گوڏا وڇائي ويهندس