Book Name:Sachi Tauba Shab-e-Braat 1440
مطلب ته بار بار توبهه ڪرڻ ايمان جي تقاضن مان هڪ تقاضا آهي۔ الله پاڪ قرآنِ پاڪ ۾ ڪيئي هنڌن تي توبه ڪرڻ ۽ پنهنجن گناهن کان معافي گھرڻ جو حڪم فرمايو آهي ۽ جيڪي ماڻهو الله پاڪ جي بارگاھ ۾ سچي توبه ڪندا آهن الله پاڪ انهن کان گھڻو خُوش ٿيندو آهي ۽ انهن تي پنهنجو خُصُوصِي فَضل ۽ ڪرم به ڪندو آهي۔ جيئن سيپاري 6 سُوْرَة الْمائِده جي آيت نمبر 39 ۾ اِرشاد آهي:
فَمَنْ تَابَ مِنْۢ بَعْدِ ظُلْمِهٖ وَ اَصْلَحَ فَاِنَّ اللّٰهَ یَتُوْبُ عَلَیْهِؕ-اِنَّ اللّٰهَ غَفُوْرٌ رَّحِیْمٌ(۳۹)
ترجمو ڪنزالايمان: سو جيڪو پنهنجي ظلم کانپوءِ توبه ڪري ۽ پاڻ سُڌرِي وڃي ته الله پنهنجِي مهر (مهرباني) سان رجُوع فرمائِيندو. بيشڪ الله بخشيندڙ مهربان آهي.
تفسير ”صِراطُ الجِنان“ ۾ هن آيت سڳوري جي تحت لکيل آهي ته توبهه نِهايت نَفيس شيء آهي، ڪيترو ئي وڏو گُناھ هجي، جيڪڏهن ان کان توبه ڪئي وڃي ته الله پاڪ پنهنجو حق مُعاف فرمائيندو آهي ۽ توبه ڪرڻ واري کي آخرت جي عذاب کان نَجات ڏئي ڇڏيندو آهي۔ (صراط الجنان،۲/ ۴۳۰)
بڑی کوششیں کی گُنہ چھوڑنے کی
رہے آہ! ناکام ہَم یاالٰہی!
مجھے سچی تَوبہ کی تَوفیق دیدے
پئے تاجدارِ حَرَم یاالٰہی!
(وسائل بخشش مُرمّم،ص۱۱۰)
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد