Book Name:Sachi Tauba Shab-e-Braat 1440
نڙيءَ تائين ڇڪيو ويندو آهي، اهو ئي اهو وَقت هوندو آهي جڏهن مرڻ واري جون اُمّيدون دُنيا ۽ دُنيا وارن کان ختم ٿي وينديون آهن پوءِ حسرت ۽ شرمساري ان کي چئني پاسن کان گھيري وٺندي آهي۔ (احياءالعلوم،۵/۲۰۸ ملتقطاً)
نَزْع میں رَبِّ غَفّار تُجھ سے مَوت سے قَبْل بیمار تجھ سے
طالبِ جَلوۂ مُصْطفٰے ہے یاخُدا! تُجھ سے میری دُعا ہے
وِردِ لَب کلمۂ طَیِّبَہ ہو اور ایمان پر خاتِمہ ہو
آگیا ہائے وَقْتِ قَضا ہے یاخُدا! تجھ سے میری دُعا ہے
(وسائلِ بخشش مرمم، ص ۱۳۵، ۱۳۷)
پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! ٭ هن کان پهريان جو اسان به سڪرات جي دَردناڪ ڪيفيت ۾ مبتلا ٿي وڃون، ٭ هن کان پهريان جو روح نڪرڻ جي تڪليف سان اسان جو جسم به مفلوج ٿي وڃي، ٭ هن کان پهريان جو اسان کي به موت جا ملائڪ گھيري وٺن، ٭ هن کان پهريان جو موت جو وقت اچي پهچي ۽ توبهه جو دروازو بند ٿي وڃي، ٭ هن کان پهريان جو حسرت ۽ ندامت اسان کي گهيري وٺي، اسان کي الله پاڪ جي بارگاھ ۾ سچي توبه ڪرڻ گھرجي۔ اسان کي موت اچڻ کان پهريان پهريان الله پاڪ کان پنهنجي گناهن جي معافي گھرڻ گھرجي۔ اڄ جي رات ته هونئن به پنهنجن گناهن کي بخشرائڻ جي رات آهي، اڄ جي رات ته هونئن به الله پاڪ کي راضي ڪرڻ جي رات آهي، تنهنڪري پنهنجي گناهن کان سچي توبهه ڪريو۔ گناھ انسان کان ئي ٿيندا آهن پر گناهن تي قائم رهڻ، انهن تي اِصرار ڪرڻ ۽ توبه کان منهن موڙڻ تمام وڏي حماقت آهي، مؤمن جو شان اهو آهي جو جيڪڏهن ان کان ڪوگناھ سَرزَد ٿي وڃي ته يڪدم توبهه ڪندو آهي، پوءِ گناھ ٿي وڃي ته هو وري توبهه ڪندو آهي، وري گناھ ٿي وڃي ته وري هو توبهه ڪندو آهي،