Book Name:Qabr Men Kaam Aany Waly Aamaal
بڻائڻو پوندو۔ ٭ اڄ جڏهن ته اسان زنده آهيون، ٭ اڄ جڏهن ته اسان جا پساھ هلي رهيا آهن، ٭ اڄ جڏهن ته اسان جي دل ڪم ڪري رهي آهي، ٭ اڄ جڏهن ته اسان جي جسم ۾ خون هلي رهيو آهي، ٭ اڄ جڏهن ته اسان جا عضوا سلامت آهن، ٭ اڄ جڏهن ته اسان پنهنجي مرضي سان سڀ ڪجھ ڪري سگھون ٿا، ٭ اڄ جڏهن ته اسان کي مهلت مليل آهي ته اسان کي هن مان فائدو کڻڻ گھرجي، پنهنجي عملن تي غور ڪرڻ گھرجي، مڪمل توجهه سان سوچڻ گھرجي ته الله پاڪ جي ڏنل عظيم نعمت زندگي کي ڪهڙي طرح گذاري رهيو آهيان؟ ٭ ڇا هن کي الله پاڪ جي اطاعت و فرمانبرداري ۾ گذاري رهيو آهيان يا صبح و شام گناهن جو سلسلو جاري آهي؟ ٭ ڇا مان نيڪين ڏانهن وڃي رهيو آهيان يا گناهن سان دامن داغدار ڪري رهيو آهيان؟ ٭ ڇا مان نيڪ ماڻهن جي طريقي تي هلي رهيو آهيان يا بدڪارن ۽ گناهگارن جي طرزِ عمل تي زندگي گذاري رهيو آهيان؟ ٭ ڇا مان فرض ۽ واجب ۽ سنتِ مؤڪّدا پورا ڪيان ٿو يا غفلت ۾ زندگي گذري رهي آهي؟ ٭ ڇا ۾ نماز روزي جي پابندي ڪيان ٿو يا ان پاسي ڌيان ئي نه آهي؟ ٭ ڇا مون کي قرآن، درود و سلام، ذڪر واذڪار جو به شوق آهي يا فضوليات ۾ وقت برباد ڪري رهيو آهيان؟ ڇا مون کي ڏسي ڪري به قرآنِ ڪريم پڙهڻ اچي ٿو يا نه ؟ ڇا درست نماز پڙهڻ اچي ٿي يا نه؟ مطلب ته! سوچڻ گھرجي ته ڇا مان پنهنجي آخرت کي بهتر بنائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان يا هن فاني دنيا جي ڌوڪي ۾ مبتلا ٿي پنهنجي ڏينهن ۽ رات کي ضائع ڪري رهيو آهيان؟ هن ڌوڪي (Deception) کان اسان کي خبردار ڪندي اسان جو پاڪ پَروَردگار سيپاري 22 سُوره فَاطِر جي آيت نمبر 5 ۾ ارشاد فرمائي ٿو:
یٰۤاَیُّهَا النَّاسُ اِنَّ وَعْدَ اللّٰهِ حَقٌّ فَلَا تَغُرَّنَّكُمُ الْحَیٰوةُ الدُّنْیَاٙ-وَ لَا یَغُرَّنَّكُمْ بِاللّٰهِ الْغَرُوْرُ(۵) ( پ۲۲، اَلْفَاطِر:۵)