Qabr Men Kaam Aany Waly Aamaal

Book Name:Qabr Men Kaam Aany Waly Aamaal

رهيو هوندو آهي ته ڪو ڪرڪٽ ميچ تي ڳالهيون ڪري رهيو هوندو آهي امام غزاليرَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: غافلن جو حال اهو هوندو آهي جو جنازن کي ڏسي انهن جي دل جي سختي ويتر وڌي ويندي آهي۔ (احياء العلوم، ۵/۵۸۴) پهريان جي ماڻهن جي جنازن ۾ ڪهڙي ڪيفيت هوندي هئي۔ اچو! هن بابت ڪجھ روايتون ٻڌون ٿا:

1۔ صحابي رسول، حضرت سيدُنا ابو هريره رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي باري ۾ منقول آهي ته جڏهن ڪنهن جنازي کي ڏسندا هئا ته فرمائيندا هئا: وڃو! اسان توهان جي پويان اچي رهيا آهيون۔ (احياء العلوم، ۵/۵۸۴)

2۔ حضرت سيدُنا اعمش رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: اسان جنازن ۾ شريڪ ٿيندا هئاسين پر مجمعي ۾ هر شخص رنج ۽ غم ۾ ٻڏل نظر اچڻ سبب اسان کي سمجھ نه ايندو هو ته ڪنهن سان تعزيت ڪريون۔  (احياء العلوم، ۵/۵۸۵)

3۔ حضرت سيدُنا ثابت بناني رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: اسان جنازن ۾ شرڪت ڪندا هئاسين هر شخص کي چادر سان پنهنجو مٿو ڍڪيندي روئيندي ڏسندا هئاسين۔   (احياء العلوم، ۵/۵۸۵)

اي ڪاش! انهن الله وارن جي هن پياري انداز جو اسان کي به صدقو ملي وڃي، اي ڪاش اسان به جنازن مان عبرت حاصل ڪري پنهنجي موت جي تياريءَ ۾ لڳي وڃون. اي ڪاش جيئري اسان جي به اکين تان غفلت جو پردو کڄي وڃي.

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! واقعي عقل مندي اها ئي آهي ته اسان کي هن دنيا کي تماشو نه سمجھڻ گھرجي بلڪ هن مان عبرت وٺڻ گھرجي۔ ياد رکو! زِندگي موت جي اَمانت آهي جيڪا آهستي آهستي گذري رهي آهي۔ پوءِ هڪ وقت ايندو ڏسندي ئي ڏسندي موت پنهنجي وڪڙ ۾ وٺندو ۽ اونداھي قبر کي ٺڪاڻو