Qabr Men Kaam Aany Waly Aamaal

Book Name:Qabr Men Kaam Aany Waly Aamaal

ڪڏهن قبر جو وهاڻو به ياد آيو آهي؟ ٭ لائٽ هلي وڃي ته اونداهي ۾ دل گھٻرائيندي آهي ڇا ڪڏهن قبر جي اونداهيءَ جو خيال به دل ۾ پيدا ٿيو آهي؟ ٭ کٽمل ۽ مڇر جي ڪٽڻ سان بي چين ٿي ويندا آهيون ڇا قبر جي نانگ ۽ وڇوئن جي ڪٽڻ جو به فڪر ڪڏهن پيدا ٿيو آهي؟ ٭ سخت گرميءَ سان ته پريشان ٿي ويندا آهيون ڇا ڪڏهن قيامت ۽ جهنم جي گرميءَ جو به سوچيو آهي؟ ٭ سخت سرديءَ ۾ به راحت ناهي ملندي جهنم جي وادي زَمھَرِير جنهن ۾ سردي جو عذاب ٿيندو ڇا ڪڏهن ان جي خوف جي طرف به ڪڏهن توجهه وئي؟ ٭ ٽهڪندڙ تيل، ٽهڪندڙ گرم پاڻي اسان اڪثر ڏسون ٿا، انهن کي ڏسي جهنمين کي پياريو ويندڙ ماءِ حميم به ڪڏهن ياد آيو آهي؟ ٭ بيماريءَ کان صحت حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڪوڙيون ڪوڙيون گوريون وات جو ذائقو خراب ڪنديون آهن ڇا ڪڏهن جهنمين کي کارايو ويندڙ زَقُّوم به ياد ڪيو آهي؟

دِلا    غافل  نہ  ہو   یکدم، یہ  دُنیا  چھوڑ   جانا ہے                            بغیچے   چھوڑ  کر   خالی، زمین   اندر   سمانا   ہے

تُو   اپنی   موت  کو  مت   بھول، کر سامان چلنے کا                       زمیں کی خاک پر سونا ہے، اینٹوں کا سِرہانا ہے

جہاں کے شَغْل میں شاغل، خدا کے ذکر سے غافل             کرے  دعویٰ  کہ  یہ دنیا، مِرا  دائم ٹھکانا ہے

غلام   اک   دَم  نہ  کر غفلت، حیاتی  پر نہ ہو غُرَّہ                       خداکی یاد کر  ہر دم، کہ جس نے  کام آنا ہے

  افسوس! صد افسوس!! سفرِ آخرت ۽ آخرت جي تياريءَ کان غفلت ته ايتري قدر وڌي چڪي آهي جو هاڻي اهي معاملات جيڪي واضح طور تي آخرت جي ياد ڏيارن ٿا انهن کان به عبرت ناهي حاصل ڪئي ويندي۔ اڪثر مرڻ وارن جا اعلان ٻڌندا آهيون، غسلِ ميت به ڏيندا آهيون، جنازن ۾ شرڪت ڪري ڪڏهن ته ميت کي ڪلهو به ڏيندا آهيون، ميت کي پنهنجي هٿن سان قبر ۾ به لاهيندا آهيون، مرڻ واري کي مٽيءَ جي مڻن جي هيٺ دفن ڪري پنهنجي هٿن سان مٽي به وجهندا آهيون. پر انهن عبرتناڪ لمحن مان عبرت حاصل ناهي ٿيندي، هاڻي جنازن ۾ به ڪجهه نادان ماڻهو کل ڀوڳ ۾ لڳل هوندا آهن ته ڪي وري موبائل تي ٽائم پاس ((Time pass ڪري رهيا هوندا آهن، ڪجھ پنهنجن ڪاروباري معاملن تي بحث ڪري رهيا هوندا آهن ته ڪجھ موقعو غنيمت سمجھي خانداني مسئلن ۾ اُلجھيل هوندا آهن۔ ڪو سياست تي تبصرا ڪري