Book Name:Qabr Men Kaam Aany Waly Aamaal
جنهن ۾ قالين وڇايل هجي، گھر سينگاريل هجي ۽ اهي اتي غور و فڪر ۾ پئجي وڃن ته عام طور تي انهن جي سوچ اها هوندي ته ڪپڙي وارو قالين (Carpet) ڏسي ان جي قيمت ۾ غور ڪري رهيو هوندو۔ ڪپڙو بڻائڻ وارو ڪپڙي جي بناوٽ ۾ غور ڪري رهيو هوندو، واڍو ڇت بنائڻ جي طريقي تي غور ڪري رهيو هوندو ۽ رازو ان جي ديوارن کي ڏسي ان جي مضبوط ۽ سڌي هئڻ بابت سوچي رهيو هوندو۔
اهڙي طرح اهو شخص جيڪو آخرت واري سفر کي ياد رکي ٿو، اهو شخص جيڪو فڪرِ آخرت ۾ مبتلا رهي ٿو ان جو به اهو حال ٿي ويندو آهي ته جڏهن هو ڪا به شيء ڏسندو آهي ته الله پاڪ ان ۾ ان جي لاءِ عبرت جي راھ کولي ڇڏيندو آهي۔ (سفرِ آخرت کي ياد رکڻ وارو) جيڪڏهن ڪاراڻ کي ڏسندو ته ان کي قبر جي اونداهي ياد ايندي آهي، (سفرِ آخرت کي ياد رکڻ وارو( جيڪڏهن نانگ کي ڏسندو آهي تو ان کي جهنم جا نانگ ياد ايندا آهن، (سفرِ آخرت کي ياد رکڻ وارو) جيڪڏهن خوفناڪ صورت کي ڏسندو آهي ته منڪر نڪير ۽ زَبانِيه (ملائڪن جو اهو گروه جيڪو نافرمانن کي جهنم ڏانهن ڌڪڻ تي مقرر آهي اُن) کي ياد ڪندو آهي، (سفرِ آخرت کي ياد رکڻ وارو) جيڪڏهن ڪو خوف ناڪ آواز ٻڌندو آهي ته ان کي صور ڦوڪڻ ياد ايندو آهي، (سفرِ آخرت کي ياد رکڻ وارو) جيڪڏهن ڪنهن سٺي ۽ خوبصورت شيء کي ڏسندو آهي ته جنت جي نعمتن کي ياد ڪندو آهي، (سفرِ آخرت کي ياد رکڻ وارو) جيڪڏهن ڪٿان کان انڪار يا قبوليت جي ڪا ڳالھ ٻڌندو آهي ته اُخروي معاملي ۾ حساب ڪتاب کان پوءِ پنهنجي مقبول يا رَد هئڻ کي ياد ڪندو آهي۔ (احياء العلوم، ۱/۴۳۸ بتغيرٍوملخصًا)
پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اسان کي سوچڻ گھرجي ته ڇا اسان به ڪنهن موقعي تي آخرت کي ياد ڪريون ٿا؟ ٭ ڇا ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن شيء جو وزن ٿيندي ڏسي اسان کي به ميزان تي عملن جو حساب ڪتاب ٿيڻ ياد آيو آهي؟ ٭ نرم ۽ گرم بستر (Bed) تي سمهڻ مهل ڇا ڪڏهن اسان کي به قبر جي خاڪي(مٽيءَ جي) بستري جي ياد آئي آهي؟ ٭ اڄ وهاڻي جي بغير ننڊ ناهي ايندي، ڇا