Book Name:Qabr Men Kaam Aany Waly Aamaal

جيئن ته حج جا ڏينهن گھڻا هوندا آهن ته تياري به ايتري گھڻي ٿيندي آهي، ڪجهه ماڻهو ته مهينو کن پهريان ان جي تياري شروع ڪري ڇڏيندا آهن۔ اهڙي طرح دنيا جي ٻين سفرن جو معاملو آهي جو پهريان کان ئي ان جي تياري شروع ڪئي ويندي آهي۔

ٿورو سوچيو! جڏهن دنيا جي انهن ڪجھ ڏينهن جي سفرن جي لاءِ پهريان کان ئي تياري ڪئي ويندي آهي ته اهو سفر جيڪو سڀ کان ڊگھو آهي، اهو سفر جيڪو يقيني ڪرڻو آهي، اهو سفر جنهن جي اهميت سڀ کان وڌيڪ آهي، اهو سفر جنهن تي نجات جو دار و مدار آهي، اهو سفر جيڪو يا ته ڪاميابين يا وري وڏي غم جو سبب بڻجندو، اهو سفر جيڪو يا ته سعادتن جي معراج بڻجندو يا وري هولناڪ سزائن ۽ عذابن ۾ گرفتار ڪرائيندو، مطلب ته! اهو سفر جيڪو جنت يا دوزخ مان ڪنهن هڪ پاسي کڻي ويندو، ايتري اهم ۽ ضروري سفر جي لاءِ ڪيتري تياري جي ضرورت آهي۔ افسوس! صد افسوس! اسان جو هڪ تعداد آهي جنهن کي دنيا جي سفر جي تياري ته ياد رهندي آهي پر آخرت جي سفر جي تياري کان غفلت ڪئي ويندي آهي. دنيا جا سفر ڪڏهن ته ڪنهن سبب کان ملتوي يا ڪينسل به ٿي ويندا آهن، مثال طور اوچتو ڪنهن بيماريءَ جي سبب سفر نه ٿي سگهيو، ڪنهن رشتيدار جي انتقال جي سبب سفر نه ڪري سگهيو، ٽرين، گاڏي/فلائٽ (جهاز) انهيءَ وقت نه ملڻ جي سبب سفر رهجي ويو، پر ياد رکو! آخرت جو سفر 100 فيصد يقيني آهي۔ مشاهدو آهي ته جيڪو شخص جنهن شيء ۾ رغبت رکندو آهي هميشه انهيء جي باري ۾ سوچيندو رهندو آهي ۽ انهيء جي باري ۾ غور و فڪر ڪندو رهندو آهي۔

دعوتِ اسلامي جي اشاعتي اداري مڪتبة المدينه جي ڪتاب ”احياء العلوم“ جلد1 صفحي 438 تي امام محمد بن محمد غزالي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: ڪپڙي جو واپاري، واڍو، رازو ۽ ڪپڙو بڻائڻ وارو جڏهن ڪنهن آباد گھر ۾ ويندا آهن