Book Name:Qabr Men Kaam Aany Waly Aamaal

   پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! بيان ڪيل حديثِ پاڪ ۾ شفيق و ڪريم آقا، رحم دل و رحيم آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ڪيتري پياري انداز ۾ سفرِ قيامت جي تياري جي ترغيب ارشاد فرمائي آهي۔ هن روايت ۾ ڪيترا ئي مدني گل هڪ عقلمند جي لاءِ پنهنجي اندر رنگ برنگي خوشبو سمايل آهن۔

   هڪ مدني گل اهو حاصل ٿيو ته سخت گرمي ۾ رکيا ويندڙ روزا قيامت جي ڏينهن جي گرمي کان بچائن ٿا۔ جڏهن ته رات جي اونداھي ۾ پڙھي ويندڙ نماز قبر جي اونداھيءَ ۽ وحشت کي پري ڪري ٿي، حج به پريشانيون پري ڪري ٿو، جڏهن ته مسڪين جي مدد، حق ڳالهائڻ ۽ بُرين ڳالهين کان بچڻ به مسلمان کي فائدو ڏئي ٿو۔ ان سان گڏوگڏ ٻيا کوڙ اهڙا نيڪ عمل آهن جن تي عمل سفرِ آخرت خاص ڪري قبر ۾ فائدو ڏيندو آهي۔

   ٻيو مدني گل اهو حاصل ٿيو ته اسان کي پنهنجي سفرِ آخرت کي به هميشه ياد رکڻ گھرجي ۽ ان جي تياري ڪرڻ گھرجي۔ دنيا جو معمول آهي جڏهن به سفر ڪيو ويندو آهي ته پهريان ان جي تياري ڪئي ويندي آهي، سفر جيترو گھڻو اهم هوندو آهي ان جي تياري به ايتري ئي اهتمام سان ڪئي ويندي آهي، سفر جيترو ڊگھو هوندو آهي ان جي تياري کي به اوتري ئي اهميت ڏني ويندي آهي، سامان وغيره جو انتظام به انهيءَ حساب سان ڪيو ويندو آهي.

   اسان ڏسون ٿا ته ڪيئي خوش نصيب عاشقانِ رسول سفرِ مدينه جي سعادت ماڻن ٿا، ممڪن آهي ڪيئي عاشقانِ رسول هتي موجود هجن جيڪي ان سعادت سان فيضياب ٿي چڪا هجن، سوچيو! جڏهن هن مبارڪ سفر جي سعادت ملندي آهي ته گھر ۾ تياري جو ڪهڙو منظر هوندو آهي، ڪيترا ڏينهن پهريان کان ئي تياري جو سلسلو شروع ٿي ويندو آهي، جيئن جيئن هن سفر جو وقت قريب ايندو ويندو آهي تياري ۾ تيزي ايندي ويندي آهي۔

اهڙي طرح جيڪڏهن مقدر کلي پوي ۽ سفرِ حج جي سعادت ملي وڃي پوءِ