Qabr Men Kaam Aany Waly Aamaal

Book Name:Qabr Men Kaam Aany Waly Aamaal

۽ بهتر هي آهي ته قَوي (طاقت ور) ۽ نيڪ ماڻهو قَبر ۾ لهن۔ عَورَت جي ميت مَحارِم لاهين اهي نه هجن ته ٻيا رِشتيدار، اهي به نه هجن ته پرهيزگار رکن۔ (عالمگيري ج ۱ ص۱۶۶) ٭ عَورَت جي ميت کي رکڻ کان تختا لڳائڻ تائين ڪنهن ڪپڙي کان لڪائي رکو۔ ٭ قَبر ۾ لاهڻ وقت وَقت اها دُعا پڙھو: بِسْمِ الله وَبِالله وَعَلٰي مِلَّۃِ رَسُوْلِ الله۔ (تنوير الابصار ج۳ص۱۶۶) قَبر ڪچّي سرن سان بند ڪريو جيڪڏهن زَمين نَرم هجي ته (ڪاٺي جا) تختا لڳائڻ به جائز آهن۔ (بهارِشريعت ج۱ص۸۴۴) ٭ هاڻي مِٽّي ڏني وڃي، مُستَحَب اهو آهي ته سيراندي کان ٻنهي هٿن سان ٽي ڀيرا مٽّي وجھو۔ (جوهره ص۱۴۱ ) ٭ جيتري مِٽّي قَبر مان نڪتي آهي ان کان وڌيڪ وجھڻ مڪروه آهي۔ (فتاويٰ هنديۃ،۱/۱۶۶ ) ٭ قَبر چَوڪنڊي (يعني چار ڪونڊن واري) نه بڻايو بلڪه ان ۾ ڍال رکو جيئن اُٺ جو ڪوهان، (دفن ڪرڻ کان بعد) ان تي پاڻي ڇِڙڪڻ بهتر آهي، قَبر هڪ گرانٺ اُونچي هجي يا معمولي وڌيڪ۔ (بهارشريعت،۱/۸۴۶ مُلَخَّصاً (بهارشريعت،۱/۸۴۶ مُلَخَّصاً) ٭ دفن کان بعد قَبر تي اذان ڏيڻ ثواب جو ڪم ۽ ميت جي لاءِ نهايت نَفعي بخش آهي۔ (فتاويٰ رضويه،۵/۷۰ ۳ماخوذاً)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

      طرح طرح جون هزارين سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل ڪتاب 312 صفحن تي مشتمل ڪتاب   ”بهار شريعت“ حصو 16 ۽ 120 صفحن جو ڪتاب“سنتیں۽آداب” هديو ڏئي حاصل ڪيو ۽ پڙهوـ سنتن جي تربيت جو هڪ بهترين ذريعو دعوت اسلامي جي مدني قافلن ۾ عاشقان رسول سان گڏ سنتن ڀريو سفر آهي.                                                                                  

                          صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                                   صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد