Book Name:Hmesha Sach Bolye
پنهنجي باري ۾ پڇا ڪئي: پڙهي يڪدم چيو: سيءُ ايندو آهي ته سخت پريشان ڪندو آهي، ڪنهن کي فالج ٿيندو آهي ته ڪو اڌ رنگي ۾ مبتلا ٿيندو آهي، نزلو ۽ زڪام عام ٿي ويندو آهي، ڏند وڄندا آهن، وضو ڪرڻ مشڪل ٿي ويندو آهي، سَوَڙ ٿوري لهندي آهي ته يڪدم ٿڌي هوا داخل ٿي ويندي آهي، بستر برف ٿي ويندا آهن، حد ته اها آهي باھ جي تپش به گھٽجي ويندي آهي۔ سيارو ڪاوڙجي پوڙهي کي اڌ رنگي جو تحفو ڏئي هليو ويندو آهي، پوءِ اونهارو ايندو آهي چوندو آهي: پوڙهي اهو ٻڌايو ته اونهاري جي موسم ڪيئن هوندي آهي؟ پوڙهي ڪاوڙچي چيو: گرمي جو ڇا چئجي، ايندي آهي ته پگھر وهندو آهي، ڪپڙن مان ڌپ اچڻ لڳندي آهي، صبح جو تبديل ڪريون شام تائين وري ميرا ٿي ويندا آهن، صبح کان ئي گرم هوا هلڻ لڳندي آهي، اهو ئي شور ٿيندو آهي: هن کي گرمي لڳي، ڪنهن کي هيضو ٿيندو آهي ته ڪو اُس ۾ سڙي ويندو آهي، پاڻي پِي پِي ٿڪجي پوندا آهيون پر گرمي ختم نه ٿئي۔ گرمي ناراض ٿي اهڙي ڦوڪ هڻندي آهي جو ٻڍڙيء کي گرمي لڳي ويندي آهي۔ هاڻي برسات جي موسم ايندي آهي، چوندي آهي ٻڍڙي امان! اهو ٻڌائجو ته برسات جي موسم ڪيئن هوندي آهي؟ ٻڍڙي چوندي آهي: برسات کان خدا بچائي، بجلي چمڪندي آهي، بادل گجگوڙ ڪندا آهن ته هانءُ ڦاٽي پوندو آهي، بارش جو شور سڪون تباھ ڪندو آهي، پير ٻاهر رکون ته ڪپڙن سميت پِسي ويندا آهن، هر پاسي گپ هوندي آهي، رات ۾ مڇر ستائيندا آهن، ڏيڏرن جو شور سمهڻ ناهي ڏيندو اهڙي طرح نه رات جو سڪون ملندو آهي نه ڏينهن جو آرام۔ برسات جي مند اهڙي هوندي آهي۔ اهو ٻڌندي ئي برسات جي نگاھ بجلي بڻجي پوڙهي جي پير تي ڪرندي آهي ۽ پوڙهي اپاهج ٿي ويندي آهي۔
پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! هن فرضي حڪايت مان معلوم ٿيو ته هڪ پوڙهي زبان جي سٺي استعمال تي ڪيئي فائدا ڪمائيندي آهي جڏهن ته ٻي پوڙهي زبان جي غلط استعمال ڪرڻ جي ڪري هروڀرو نقصان ۾ مبتلا ٿي