Hmesha Sach Bolye

Book Name:Hmesha Sach Bolye

اهو ٻڌايو ته اونهاري جي موسم ڪيئن هوندي آهي؟ پوڙهي چوڻ لڳي: پٽ! اونهاري جو ڇا شان آهي، جڏهن ايندو آهي ته گھرن ۾ پکا هلايا ويندا آهن، برف واريون قُلفيون کاڌيون وينديون آهن، ٿڌي کير ۽ شربتن سان مهمانوازي ٿيندي آهي، فصل پَچڻ لڳندو آهي، شام ۾ ماڻهو ٿڌي پاڻي سان غسل ڪندا آهن، اڱڻ ۾ ڇٽڪار ڪيو ويندو آهي، پلنگ لڳايا ويندا آهن۔ مطلب ته! اونهارو ڀلو!! اونهارو به پنهنجي ساراھ ٻڌي خوش ٿيو ۽ هڪ هزار اشرفي جي ٿيلهي ان پوڙهيءَ کي انعام ۾ ڏنائين۔ پوءِ برسات جي مند ايندي آهي، حال احوال پڇي چوڻ لڳي: امڙ سائڻ! اهو ٻڌايو ته برسات جي موسم ڪيئن هوندي آهي؟ پوڙهي چوڻ لڳي: برسات واري موسم جي ته ڇا ئي ڳالھ آهي، اها نه هجي ته ماڻهو ڪيئن زندگي گذاري سگھندا، مينهن پوندو آهي ڄڻ رحمتِ الٰهي ڇما ڇم وسندي آهي، زمين جي اُڃ (Thirst) ختم ٿي ويندي آهي، وڻ ۽ عمارتون غسل ڪري صاف ٿي ويندا آهن، نديون نالا ڀرجي ويندا آهن، فائدو وٺڻ وارا ان مان فائدو وٺندا آهن، مطلب ته! برسات جي ڳالھ ڇا ڪجي۔ برسات جي موسم پنهنجي واکاڻ ٻڌي خوش ٿي ويندي آهي اها به پوڙهي کي هڪ هزار اشرفيون ڏيندي آهي۔ پوڙهي ٽي هزار اشرفيون کڻي گھر ايندي آهي ته پيسن جي ڪري ڄڻ گھر ۾ بهار اچي ويندي آهي، پاڙي واري ٻي پوڙهي گھر ۾ رونق ڏسي پڇا ڪندي آهي: اهي پيسا ڪٿان آندئي؟ چيائين: سياري، اونهاري ۽ برسات جي موسمن ڏنا آهن۔

پاڙي واري پوڙهي اها هڪ ڏينهن گھر وارن سان جھيڙو ڪري جھنگ ۾ ويهي رهي۔ اتفاق سان اونهاري، سياري ۽ برسات جي موسمن جي وري ملاقات ٿي، سيارو چوڻ لڳو: انهيءَ پوڙهي ڪنهن کي سڀ کان بهتر چيو؟ اونهاري چيو: اها پوڙهي وڏي چالاڪ هئي، اهو نه ٻڌايائين ته بهتر ڪهڙو موسم آهي، سڀني جي ساراھ ڪري مفت ۾ ٽي هزار اشرفيون وٺي وئي۔ مطلب وري طئي ٿيو ته ڪنهن ٻئي کان فيصلو ڪرايون ٿا، ڏٺائون ته هڪ ٻي پوڙهي ويٺي هئي، ان کان فيصلو ڪرائڻ جي لاءِ پهريان سيارو ان وٽ آيو ۽