Book Name:Sadqy Kay Fwaeed

گھرجي ته شيخِ ڪامل ۽ الله جي ولي جون دعائون ماڻڻ جو ڪو موقعو هٿان وڃڻ نه ڏيون۔ ڪهڙي خبر انهن جي ڪهڙي دعا اسان جي دنيا ۽ آخرت کي بهتر بڻائي ڇڏي۔

اهي ماڻهو جيڪي دعوتِ اسلامي جي لاءِ مدني بستن، مدني عطيات بڪس يا گھريلو صدقه بڪس وغيره جي ذريعي مدني عطيات گڏ ڪرڻ يا ڪرائڻ ۾ ڪنهن به طرح تعاون ڪندا آهن، اَمِيرِ اهلسنّت، باني دعوتِ اسلامي حضرت ِ علّامه مَولانا ابو بلال محمد الياس عطّار قادِري رَضَوِي ضِيائي دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ انهن جي لاءِ ڪهڙي نه پياري دعا ارشاد فرمائي آهي: ياربَّ المصطفيٰ! جَلَّ جَلَالُه وَ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! جيڪي مدني عطيات بڪس لڳائن ٿا يا لڳرائن ٿا، ان جي لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪن ٿا، ان ۾ مدني عطيات وجھن ٿا، گڏ ڪن ٿا، کڻي وڃن ٿا، جهڙي به طرح هن ۾ حصو وٺن ٿا، انهن کي صرف پنهنجي دَر جو محتاج رکجان، ڪنهن غير جو محتاج نه ڪجان۔ اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ 

انهيءَ حڪايت مان هڪ مدني گل اهو به حاصل ٿيو ته جيڪو الله پاڪ جي راھ ۾ اخلاص سان صدقو ڪندو آهي، الله پاڪ اُن کي ضرور اجر عطا فرمائيندو آهي، انڪري اسان کي به گھرجي ته وقت به وقت الله پاڪ جي راھ ۾ جيترو ٿي سگھي صدقو ڪندا ڪريون، اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ اسان کي به ان جون بي شمار ديني ۽ دنياوي برڪتون حاصل ٿينديون. الله پاڪ جي راھ ۾ صدقو ۽ خيرات ڪرڻ جي اهميت ۽ فضيلت جو اندازو هن ڳالھ سان لڳايو ته خود اسان جي پياري پرودگار قرآنِ مجيد، فرقانِ حميد ۾ صدقو خيرات ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي ۽ مختلف هنڌن  تي صدقو ڪرڻ وارن جي ساراھ ۽ خوبي به ارشاد فرمائي آهي جيئن ته سيپاري 1، سورهٔ بَقَره آيت نمبر  3 ۽ 2 ۾ ارشاد آهي:

هُدًى لِّلْمُتَّقِیْنَۙ(۲) الَّذِیْنَ یُؤْمِنُوْنَ بِالْغَیْبِ وَ یُقِیْمُوْنَ الصَّلٰوةَ وَ مِمَّا رَزَقْنٰهُمْ یُنْفِقُوْنَۙ(۳)

ترجموڪنزالايمان: ڊپ وارن لاءِ هدايت آهي. جيڪي اڻ ڏٺي ايمان آڻن ۽ نماز قائم رکن ۽ اسان جي ڏني مان (اسان جي واٽ ۾) خرچ ڪن ٿا.