Book Name:Sadqy Kay Fwaeed

سَبَقَتْ رَحْمَتِیْ عَلٰی غَضَبِیْ                                                                                         جب سے تُو نے سُنا دیا یاربّ!

آسرا ہم گُناہگاروں کا                                          اور مَضبُوط ہو گیا یاربّ!

ظن نہیں بلکہ ہے یقین مجھے                                  وہ بھی تیرا دِیا ہوا یاربّ!

ہوگا دُنیا میں قَبْر و مَحْشَر میں                                    مجھ سے اچھا مُعاملہ یاربّ!

(ذوقِ نعت، ص۸۵)

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! قربان وڃجي جو راھ خُدا ۾ مال خَرچ ڪرڻ سان ڪهڙيون ڪهڙيون برڪتون حاصل ٿينديون آهن، اُن غلام فقط چار (4) درهم صدقو ڪيو الله تعالٰي اُن کي آقا جي ذريعي اُن چئن (4) درهمن جي بدلي ۾ چار هزار (4000) درهم عطا ڪيا ۽ اُن کي غلامي کان آزادي ملي، گڏوگڏ الله انهن چئن درهمن جي برڪت سان غلام ۽ سندس آقا سميت ڪيئي ماڻهن جي بخشش به فرمائي ڇڏي،

هن حڪايت مان اهو به معلوم ٿيو ته الله وارن جون دعائون حاصل ڪرڻ جو ڪو موقعو هٿان نه وڃائڻ گھرجي، الله پاڪ جا اهي نيڪ ٻانها جڏهن الله پاڪ سان ڪنهن شيء جو سوال ڪندا آهن ته هو انهن جي سوالن کي رد ناهي ڪندو۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ شيخِ طريقت، اميرِ اهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ نيڪين جا حريص آهن ۽ نيڪ ڪمن جي ترغيب جي لاءِ مختلف دعائون اِرشاد فرمائيندا رهندا آهن۔ ڪڏهن هفتيوار مدني رسالو پڙھڻ، ٻُڌڻ وارن جي لاءِ دعا ارشاد فرمائيندا آهن ته ڪڏهن مدني قافلي ۾ سفر ڪرڻ وارن کي دعائن سان نوازيندا آهن، ڪڏهن مدني عطيات (Donation) گڏ ڪرڻ وارن کي دعائون ڏيندا آهن ته ڪڏهن مدني انعامات تي عمل ڪندڙن کي دُعائن سان نوازيندا آهن۔ اسان کي به