Book Name:Sadqy Kay Fwaeed

ولي جو رحمت ڀريو آواز ٻُڌي ان جا قدم رُڪجي ويا ۽ ان وٽ جيڪي چار درهم هئا،  اُن اهي درهم سائل کي ڏئي ڇڏيا۔ حضرتِ سيّدُنا منصور رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمايو: ٻُڌاءِ ڪهڙيون ڪهڙيون چار دعائون ڪرائڻ ٿو چاهين؟ عرض ڪيائين، ]1[ مان غلاميءَ مان آزاد ڪيو وڃان ]2[ مون کي انهن درهمن جو بدلو ملي وڃي ]3[ مون کي ۽ منهنجي آقا کي توبهه نصيب ٿئي۔ ]4[ منهنـجي، مـنهنجي آقا جي، اوهان جي ۽ تمام حاضرين جي بخشش ٿي وڃي۔ حضرتِ سيّدُنا منصور بن عَمّار رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه هٿ کڻي دعا ڪئي۔ غلام پنهنجي آقا وٽ دير سان پهتو۔ آقا دير سان اچڻ جو سبب پُڇيو ته ان کيس پورو واقعو ٻُڌايو، آقا پُڇيو: پهرين دعا ڪهڙي هئي؟ غلام چيو، مون عرض ڪيو، دعا ڪريو   مان غلاميءَ مان آزاد ڪيو وڃان۔ اهو ٻُڌي ڪري آقا جي زبان مان بي اختيار نڪتو، ”وڃ تون غلاميءَ مان آزاد آهين۔“ پُڇيائين، ٻي دعا ڪهڙي ڪرايئي؟ چيائين: جيڪي چار درهم مون ڏئي ڇڏيا آهن انهن جو بدلو ملي وڃي۔ آقا چوڻ لڳو، مون توکي چار درهم جي بدلي چار هزار درهم ڏنا۔ پُڇيائين: ٽين دعا ڪهڙي هئي؟ چيائين: مون کي ۽ منهنجي آقا کي گناهن کان توبهه جي توفيق نصيب ٿي وڃي۔ هي ٻُڌندي ئي آقا جي زبان تي اِسۡتِغفار جاري ٿي ويو ۽ چوڻ لڳو: مان الله پاڪ جي بارگاهه ۾ پنهنجي تمام گناهن کان توبهه ڪريان ٿو۔ وري چيائين: چوٿين دعا ڪهڙي هئي، غلام جواب ڏنو: مون التجا ڪئي ته منهنجي، منهنجي آقا جي، اوهان جي ۽ اجتماع ۾ شامل تمام حاضرين جي مغفرت ٿي وڃي۔ هي ٻُڌي ڪري آقا چيو: ٽي ڳالهيون جيڪي منهنجي وسَ ۾ هيون، اهي پوريون ڪيون آهن، چوٿين سڀني جي مغفرت ٿي وڃي، هي ڳالهه منهنجي وس کان ٻاهر آهي۔ ڏينهن گذريو، جڏهن رات ٿي ته انهيءَ  آقا خواب ۾ ڪنهن چوڻ واري کي چوندي ٻُڌو: جيڪو تنهنجي وس ۾ هئو اهو تو ڪري ڇڏيو، ۽ مان اَرحَمُ الرَّاحِمِين آهيان مون توکي، تنهنجي غلام کي، منصور کي ۽ تمام حاضرين کي بخشي ڇڏيو۔ ( روض الرياحين، ص۲۲۲)