Zindgi Ka Maqsad

Book Name:Zindgi Ka Maqsad

آهي، ڪيئن انهن جي مستقبل کي سنوارڻو آهي، ڪيئن انهن کي هڪ ڪامياب انسان بڻائڻو آهي۔ وغيره وغيره

ياد رکو! پلاننگ (Planning) ٻه طرح جي ٿيندي آهي، هڪ اها جيڪا اسان پنهنجي زندگي ۽ پنهنجي ٻارن ٻچن ۽ پنهنجي ڪاروبار جي لاءِ بڻائي رکي آهي۔ جڏهن ته ٻي اها پلاننگ آهي جنهن ڏانهن دِين ۽ شريعت اسان جي رهنمائي ڪن ٿا۔ جنهن ڏانهن قرآن ۽ حديث رهنمائي ڪن ٿا ۽ جيڪا اسان کي پنهنجي بزرگن جي زندگين ۾ نظر ايندي آهي۔

الله وارن جي زندگي جو انداز

اي ڪاش ته اسان ڪڏهن اهو به ڄاڻي وٺون ته اسان جي بزرگن پنهنجون زندگيون ڪيئن گذاريون، اي ڪاش جو اسان اهو سمجھڻ واريون بڻجي وڃون ته اسان جي بزرگن پنهنجي زندگين ۾ ڪن مقصدن کي پنهنجو هدف بڻايو ۽ انهن هدفن کي ماڻڻ جي لاءِ ڪيترو زبردست منصوبو بڻايو۔ اچو! پنهنجي بزرگانِ دين جا ڪجھ واقعا ٻڌون ٿيون:

اي نفس توکي مبارڪ!

حضرتِ رابعه بصريه رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْهَا تمام وڏي وليه هيون۔ وڏي عبادت گذار ۽ شب بيدار (يعني راتين جو جاڳي عبادت ڪرڻ واري) خاتون هئي۔ انهن پنهنجي زندگي عبادت ڪرڻ ۾ ئي گذاري ڇڏي هئي۔ انهن جو معمول هو ته جڏهن رات ٿيندي هئي ۽ سڀئي ماڻهو سمهي پوندا هئا ته پنهنجو پاڻ کي مخاطب ڪري چوندي هئي: ”اي رابعه! (ٿي سگھي ٿو ته) اها تنهنجي زندگي جي آخري رات هجي، ٿي سگھي ٿو ته توکي سڀاڻي وارو سج ڏسڻ نصيب نه ٿئي تنهنڪري اُٿ ۽ پنهنجي ربِّ ڪريم جي عبادت ڪر ته جيئن سڀاڻي قيامت ۾ توکي ندامت کي منهن نه ڏيڻو پوي، همت ڪر! ننڊ نه ڪر! جاڳي پنهنجي ربّ جي عبادت ڪر!“ اهو چوڻ کان پوءِ پاڻ بيهي رهنديون هيون ۽ صبح تائين نفل ادا ڪنديون هيون۔ جڏهن فجر جي نماز ادا ڪنديون هيون ته پنهنجو پاڻ کي ٻيهر مخاطب ڪري فرمائينديون هيون: ’’اي منهنجا نفس! توکي مبارڪ هجي ته گذريل رات تو وڏي مشقت کنئي پر ياد رکجان ته اهو ڏينهن تنهنجي زندگي جو آخري ڏينهن ٿي سگھي ٿو۔ اهو چئي ٻيهر عبادت ۾ مشغول ٿينديون هيون ۽ جڏهن ننڊ جو غلبو ٿيندو هو ته بيهي گھر ۾ هلڻ