Book Name:Zindgi Ka Maqsad
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
پياريون پياريون اسلامي ڀينرون!اسان کي گھرجي ته پنهنجي وقت جي قدر ڪريون ۽ پنهنجي زندگي جي مقصد کي ماڻڻ جي لاءِ ان جو بهترين استعمال ڪريون۔ وقت هڪ اهڙي شيء آهي جيڪو روڪڻ سان ناهي رڪندو۔ تنهنڪري عقل مند اهو ئي آهي جيڪو پنهنجي زندگي جي مقصد کي ماڻڻ جي لاءِ وقت جو دُرست استعمال ڪري۔
جيڪڏهن اسان غور ڪريون ته معلوم ٿيندو آهي ته اڄڪلھ هر شخص زندگي ۾ طرح طرح جا منصوبا بڻائيندو رهندو آهي يعني پلاننگ (Planning) ڪندو آهي جنهن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ ان جي جستجو جاري هوندي آهي۔
دل ۾ مقصد هئڻ گھرجي
مثال طور ڪو طالب علم (Student) هجي ته ان اهو سوچيو هوندو آهي ته پهريان ميٽرڪ مڪمل (Complete) ڪرڻي آهي۔ ميٽرڪ ڪليئر ڪرڻ کان پوءِ اهو طئي ڪندو آهي ته مون کي اعليٰ تعليم ۾ ڪيستائين وڃڻو آهي۔ اهڙي طرح هو هڪ سڄو منصوبو بڻائي پوءِ پنهنجي هدف ڏانهن وڌڻ جي لاءِ ڪوشش شروع ڪندو آهي۔
اهڙي طرح ڪو واپاري (Businessman) جڏهن پنهنجو بزنس شروع ڪندو آهي ته سوچيندو آهي ته اڄ هڪ دڪان آهي، مون کي اهڙي محنت ڪرڻي آهي جو مان پنهنجون ڪجھ نيون شاخون (Branches) به کولي سگھان۔ جڏهن ايتريون شاخون کوليندس ته پوءِ پنهنجو ڪارخانو ۽ فيڪٽري لڳائي وٺندس، جڏهن هڪ فيڪٽري ٿي ويندي ته پوءِ ايندڙ سالن ۾ مون کي ٻه فيڪٽريون ڪرڻيون آهن، اهڙي طرح هڪ بزنس مين پنهنجو هدف بڻائيندو رهندو آهي ۽ پنهنجي مقصد کي ماڻڻ جي لاءِ انهن ڏانهن سفر ڪندو رهندو آهي۔
اهڙي طرح ڪجھ ماڻهو پنهنجي ٻارن ٻچن (Family) جي لاءِ به ڪجھ منصوبه سازي (Planning) ڪندا نظر ايندا آهن، ته منهنجا ٻار آهن، مون کي انهن کي ڇا بڻائڻو آهي، ڪيئن پڙهائڻو آهي، ڪيئن انهن جي تربيت ڪرڻي