Zindgi Ka Maqsad

Book Name:Zindgi Ka Maqsad

ويندا آهن. ٭ ڪيئي عورتون اهڙيون هونديون آهن جو روزانو سوين لائينن تي مشتمل اخبار، ناول ۽ ڊائجسٽ پڙھي وٺنديون آهن پر مهينن جا مهينا قرآنِ ڪريم جون ڪجھ آيتون تلاوت جي سعادت ناهي ملندي، ڏينهن ۾ سوين سوين ميسيجز ٽائپ ڪري موڪلڻ وارين کي اذان جو جواب ڏيڻ جو موقعو ناهي ملي سگھندو۔ ٭ اَلغَرَض! ٭ هڪ تعداد آهي جيڪو دنيا جي لاءِ ته گهڻو متحرڪ ۽ تيز (Active) نظر ايندو آهي پر آخرت کي بهتر بنائڻ ڏانهن توجھ ناهي ڪندو۔

   ٿورو سوچيو! خبر ناهي ته ڪهڙن عجيب عجيب ڪمن ۾ اسان پنهنجي وقت کي ضائع ڪري رهيون آهيون۔ جڏهن ته اهي ئي وقت ۽ اهي ئي لمحا اسان کي پنهنجي آخرت کي بهتر ڪرڻ ۾ صَرف ڪرڻ گھرجن۔ اچو! پنهنجي وقت جي قدر جو جذبو بيدار ڪرڻ جي لاءِ وقت جي قدر دانن جا ڪجھ قيمتي ارشاد ٻڌون ٿيون:

وقت جي قدردانن جا ارشاد

   اميرُ المُؤمِنِين حضرتِ مولاءِ ڪائنات، علي المُرتَضٰي شيرِ خدا ڪرَّمَ الله وَجْهه الْڪرِيم فرمائن ٿا: ”هي ڏينهن توهان جي حياتي جا ورق آهن، انهن کي سٺن عملن سان سينگاريو۔

  حضرتِ سيدُنا عبدالله ابنِ مسعود رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ فرمائن ٿا: مان پنهنجي زندگي جي گذريل ان ڏينهن جي مقابلي ۾ ڪنهن شيء تي پشيمان ناهيان ٿيندو جيڪو ڏينهن منهنجي نيڪ عملن ۾ اضافي کان خالي هجي۔“

   حضرت سيدُنا عمر بن عبدالعزيز رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: روزانو اوهان جي عمر لاڳيتو گھٽ ٿيندي پئي وڃي ته پوءِ نيڪين ۾ سستي ڇو ٿا ڪريو؟ هڪ ڀيري ڪنهن عرض ڪيو؛ يا امير المومنين! اهو ڪم اوهان سڀاڻي ڪجو، ارشاد فرمايائون؛ مان روزانه جو ڪم هڪ ڏينهن ۾ وڏي مشڪل سان ڪري سگھان ٿو جيڪڏهن اڄ جو ڪم به سڀاڻي تي ڇڏي ڏيان ته پوءِ ٻن ڏينهن جو ڪم ڪيئن ڪري سگھندس؟

   حضرت امام شافعي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: وقت تلوار جيان آهي توهان هن کي (نيڪ عملن جي ذريعي) ڪٽيو نه ته (فضوليات ۾ مشغول ڪري) اهو توهان کي ڪٽي ڇڏيندو۔ (انمول هيرے، ص۱۷،۱۶)