Book Name:Zindgi Ka Maqsad
سگھون ٿا ته ٭ اها زندگي اسان کي ان ڪري ملي آهي جو اسان وڌ کان وڌ نيڪيون ڪريون، ٭ اها زندگي اسان کي ان ڪري ملي آهي جو پنهنجي اندر خوفِ خدا پيدا ڪريون، ٭ اها زندگي اسان کي ان ڪري ملي آهي جو پنهنجي اندر حُسنِ اخلاق پيدا ڪريون، ٭ اها زندگي اسان کي ان ڪري ملي آهي جو زُهد ۽ تقويٰ اختيار ڪريون، ٭ اها زندگي اسان کي ان ڪري ملي آهي جو عاجزي ۽ انڪساري ڪريون، ٭ اها زندگي اسان کي ان ڪري ملي آهي جو اتباعِ شريعت جو جذبو بيدار ڪريون، ٭ اها زندگي اسان کي ان ڪري ملي آهي جو دل ۾ محبتِ الٰهي جو ٻج پوکيون، ٭ اها زندگي اسان کي ان ڪري ملي آهي جو الله پاڪ جي عبادت ڪريون، ٭ اها زندگي اسان کي ان ڪري ملي آهي جو تلاوتِ قرآن ڪريون، ٭ اها زندگي اسان کي ان ڪري ملي آهي جو درودِ پاڪ پڙھون، ٭ اها زندگي اسان کي ان ڪري ملي آهي جو نمازون پڙھون، ٭ اها زندگي اسان کي ان ڪري ملي آهي جو اسان باحيا بڻجون ۽ باحيا رهڻ جي ڪوشش ڪريون، ٭ اها زندگي اسان کي ان ڪري ملي آهي جو پاڻ ۾ اتباعِ رسول جو جذبو پيدا ڪريون، ٭ اها زندگي اسان کي ان ڪري ملي آهي جو اسان پنهنجي ڪردار کي مدني ڪردار ۾ بدليون، ٭ مطلب ته! اها زندگي اسان کي ان ڪري ملي آهي جو ان کي الله پاڪ جي عبادت ۽ ان جي اطاعت ۾ گذاريون۔ ڪنهن فارسي شاعر ڇا ته بهترين چيو آهي:
زِندگی آمَد برائے بَندَگی زِندگی بے بَندَگی شَرمِندگی
مختصر وضاحت: يعني زندگي عبادت ڪرڻ جي لاءِ ملي آهي، بغير عبادت جي گذارڻ واري زندگي شرمندگي جو سبب آهي۔
افسوس! صد افسوس! اڄ حالت عجيب ٿي وئي آهي، هر پاسي گناهن جي ڀرمار آهي، مسلمانن جو هڪ تعداد آهي جيڪو فضول ڪمن ۾ مبتلا ٿي وقت جهڙي عظيم ۽ انمول نعمت کي برباد ڪندي نظر ايندو آهي۔ ٭ دنيا جي مَحَبَّت ۽ فڪرِآخِرت کان غفلت جي سبب مُسلمانن جو وڏو تعداد عِبادت واري شوق کان پري ٿيندو پيو وڃي۔٭ ڪيئي ڪيئي ڪلاڪ مختلف چينلز تي فلمون ڊراما ڏسڻ جي لاءِ وقت ملي ويندو آهي، پر علمِ دِين سکڻ جي لاءِ 100 فيصد اسلامي چينل ”مَدَني چينل“ ڏسڻ ۾ نفس ۽ شيطان رُڪاوٽ بڻجي