Book Name:Zindgi Ka Maqsad

ملاقات ٿيندي ان ڏينهن انهن جو چهرو چوڏهين جي چنڊ جيان روشن هوندو۔ (حلية الاولياء، ۱/۱۴۲ تا ۱۵۰ ملتقطاً و بتغير)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد 

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون!يقيناً الله وارن جو انداز نِرالو هوندو آهي۔ جيئن ته اهي نيڪ ٻانها زندگي جي حقيقت کان واقف هوندا آهن، ان ڪري پنهنجي زندگي جو هڪ ئي مقصد نگاھ اڳيان رکندا آهن اهو آهي الله پاڪ جي عبادت ۽ ان جي اطاعت يعني الله پاڪ جي حڪم جي مطابق زندگي گذارڻ۔ انهن الله وارن جون زندگيون پوءِ هميشه انهيء مقصد جي چوڌاري گھُمندي نظر اينديون آهن ۽ اهي نه صرف پنهنجي هن مقصد ۾ ڪامياب ٿيندا آهن بلڪ انهن کي هن تي انعام به ملندو آهي۔

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اسان به هن حقيقت کان واقف آهيون ته دنيا آخرت جي کيتي آهي، پر افسوس اسان آخرت بدران دنيا کي ئي ترجيح ڏيون ٿيون، دنيا جي لاءِ جيئون ٿيون، دنيا جي لاءِ منصوبا بڻايون ٿيون ۽ نتيجو هي نڪرندو آهي ته اسان زندگي جي مقصد کي وساري وينديون آهيون۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                       صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اهو سمجھڻ نهايت ضروري آهي ته اسان کي ڪنهن مقصد جي لاءِ بڻايو ويو آهي؟ ڇوته جيستائين ڪنهن شيء جو مقصد سمجھ نه اچي ان جو درست استعمال به نٿو ٿي سگھي۔

قلم جو مثال وٺو، ڪيئي اسلامي ڀينرون پاڻ وٽ قلم رکنديون آهن، پر ڪيستائين؟ جيستائين اهو لکندو رهندو آهي، جيئن ئي قلم لکڻ بند ڪري ان جو مقصد ختم ٿي وڃي ته ڪا به اسلامي ڀيڻ ان کي پاڻ وٽ ناهي رکندي۔

اهڙي طرح پيرن ۾ جوتا پاتا ويندا آهن، اهي جوتا پيرن جي زينت تيستائين رهندا آهن جيستائين اهي اسان جي لاءِ آرام ده ثابت ٿيندا آهن، جوتا ان وقت تائين استعمال ۾ رهندا آهن جيسيتائين اهي اسان جي پيرن کي گپ، مٽي،