Zindgi Ka Maqsad

Book Name:Zindgi Ka Maqsad

پاڪ جا ولي هئا۔ حضرت سيدُنا عامر رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي معمولات مان هو ته رات قيام ۾ گذاريندا هئا ۽ ڏينهن روزي جي حالت ۾ گذاريندا هئا۔ حضرت سيدُنا عامر رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه پنهنجو پاڻ تي روزانو هڪ هزار رڪعت (نفل) پڙھڻ لازم ڪري رکيو هئائون۔ سج اڀرڻ کان وٺي عصر تائين مسلسل نماز ۾ مشغول رهندا هئا، جڏهن موٽندا هئا ته پير ۽ ڀيڏيون سُڄيل هونديون هيون۔ پنهنجي نفس کي چوندا هئا: اي نفس! اي بُرائي جو حڪم ڏيڻ وارا! تو کي ته صرف عبادت جي لاءِ پيدا ڪيو ويو آهي۔ خدا جو قسم! مان توکي مسلسل عمل ۾ لڳائي رکندس ايستائين جو بستر به توکان پنهنجو حصو وصول نه ڪري سگھندو (يعني آرام نه ڪندس)۔

هڪ ڀيري حضرت سيدُنا عامر رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه وادي سباء ڏانهن ويا، اتي هڪ حبشي عابد (عبادت گذار) به رهندو هو جيڪو هن ويراني ۾ عبادت ڪندو رهندو هو۔ حضرت سيدُنا عامر رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه وادي جي هڪ ڪنڊ ۾ ۽ اهو عابد ٻي ڪنڊ ۾ مشغولِ عبادت ٿي ويا۔ چاليھ (40) ڏينهن ۽ چاليھ (40) رات تائين ٻئي هڪ ٻئي ڏانهن متوجه نه ٿيا۔ جڏهن فرض نماز جو وقت ٿيندو هو ته باجماعت نماز ادا ڪندا هئا پوءِ پنهنجي پنهنجي جڳھ وڃي نفل ۾ مشغول ٿي ويندا هئا۔ 40 ڏينهن کان پوءِ ان حبشي بزرگ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه حضرت سيدُنا عامر رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه کان پڇيائون: اي عامر! ڪهڙي شيء اوهان جي لاءِ هلاڪت جو سبب آهي؟ فرمايائون: مون کي الله پاڪ کان حياء اچي ٿو ته ان جي علاوه ڪنهن ٻي شيء کان خوف ڪيان۔

هڪ ڀيري حضرت سيدُنا عامر رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه بيمار ٿيا ته روئڻ لڳا۔ عرض ڪيو ويو: اوهان ته وڏا پرهيزگار ۽ زاهد آهيو پوءِ ڇو پيا روئو؟ فرمايائون: مان ڇو نه روئان ۽ مون کان وڌيڪ روئڻ جو حقدار ڪير آهي؟ الله پاڪ جو قسم! مان دنيا ڇڏڻ تي يا موت جي سختي سبب نه پيو روئان بلڪ مان ته ان ڪري روئي رهيو آهيان ته سفر وڏو ۽ زادِ راه گھٽ آهي۔ (يعني آخرت جو سفر تمام ڊگھو آهي ۽ مون وٽ نيڪيون نه آهن)

حضرت سيدُنا مالڪ بن دِينار رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: هڪ شخص ڪنهن کي خواب ۾ نِدا ڏيندي ٻڌو ته ماڻهن کي آگاھ ڪري ڇڏيو حضرت سيدُنا عامر بن عبدالله رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي الله پاڪ سان ملاقات ٿيندي ۽ جنهن ڏينهن انهن جي