Zindgi Ka Maqsad

Book Name:Zindgi Ka Maqsad

صَـلُّـوا عَلَي الحَبِيـب! اُذکُرُالله , تُوبُوا اِلَـي الله! وغيره ٻڌي ثواب ڪمائڻ ۽ صدا لڳائڻ واريءَ جي دِل جوئي جي لاءِ آهسته آواز سان جواب ڏيندَس ٭ بيان کان پوءِ پاڻ اڳتي وڌي سلام، مصافحو ۽ انفرادي ڪوشش ڪندَس۔دوران بيان موبائل جي غيرضروري استعمال کان بچندَس،نه بيان ريڪارڊ ڪندَس نه ئي ٻئي ڪنهن قسم جو آواز ڇو ته ان جي اجازت ناهي،جيڪو ڪجهه ٻُدَندَس،ان کي ٻڌي ۽ سمجهي ڪري ان تي عمل ڪرڻ ۽ ان کي بعد ۾ ٻين تائين پهچائي نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪندَس.

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

   پياريون پياريون اسلامي ڀينرون!زندگي الله پاڪ جي تمام وڏي نعمت آهي، هر نعمت جو ڪو نه ڪو استعمال (Use) هوندو آهي، هن زندگي جو به ڪجھ نه ڪجھ استعمال (مقصد) ضرور آهي۔ تنهنڪري جيڪا اسلامي ڀيڻ پنهنجي اڳيان هڪ خاص مقصد رکي زندگي گذاريندي آهي ته هو ان مقصد ۾ ڪڏهن نه ڪڏهن ڪامياب ٿي ئي ويندي آهي، ۽ جيڪڏهن ڪنهن سبب ان مقصد ۾ ڪاميابي نه به ملي ته مقصد کي ماڻڻ جي جدو جهد مقصد جي ويجھو ضرور ڪندي آهي۔ اڄ اسان جي بيان جو موضوع آهي ”زندگي جو مقصد“ اسان جي زندگي جو مقصد ڇا آهي؟ اهو اڄ اسان ٻڌنديون سين۔ اسان هن مقصد کي ماڻڻ جي لاءِ ڇا ڪجھ عمل ڪري رهيا آهيون ۽ ٻيا ڪهڙا عمل ڪري سگھون ٿيون؟ هن تي به ڪجھ مدني گل بيان ڪيا ويندا۔ اسان جي بزرگن جو زندگي گذارڻ جو ڪهڙو انداز هو ۽ اسان پنهنجي زندگي ڪهڙي نموني گذاري رهيون آهيون، هن بابت به ڪجھ مدني گل اڄ جي بيان ۾ پيش ڪيا ويندا۔ دِلجمعي سان ۽ سٺين سٺين نيتن سان اوّل کان آخر بيان ٻُڌڻ جي سعادت حاصل ڪريو، دنيا ۽ آخرت بهتر بنائڻ جا ڪيئي مدني گل حاصل ٿيندا۔ اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

عبادت ِالٰهي ۽ ان جو بدلو

حضرت سيدُنا عامر بن عبدالله رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه تابعين مان هئا، سندن زندگي جي آسائشن ۽ لذتن کي ڇڏي ڏنو هو۔ پاڻ گھڻا باحيا، تمام عيبن کان پري ۽ الله