Zindgi Ka Maqsad

Book Name:Zindgi Ka Maqsad

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون!بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ سنّتون ۽ آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿي، تاجدار رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمان جنّت نشان آهي: جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو. (مشکاۃ الصابیح،کتاب الایمان،باب الاعتصام بالکتاب والسنۃ،۱/۹۷،حدیث:۱۷۵)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                   صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد 

سُرمو لڳائڻ جون سنتون ۽ آداب

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اچو ته! شيخِ طريقت، اميرِ اَهلسنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جي رسالي ”101 مدني گل“ مان سرمو پائڻ جون سنتون ۽ آداب ٻڌون ٿيون. فرمان مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم آهي: ”سڀني سرمن مان بهتر سرمو ”اِثمِد“ آهي جو اهو نظر کي روشن ڪندو ۽ پلڪون وڌائيندو آهي“۔ (ابن ماجہ، حديث 3497 ج 4 ص 115) ٭ پٿر جو سرمو استعمال ڪرڻ ۾ حرج ناهي ۽ ڪارو سرمو يا ڪجل زينت جي قصد (يعني زينت جي ارادي) سان مرد کي لڳائڻ مڪروهه آهي ۽ زينت جو ارادو نه هجي ته ڪراهت ناهي۔ (عالمگيري ج 5 ص 359) ٭ سرمو سمهڻ مهل استعمال ڪرڻ سنّت آهي۔ (مِراٰةُ المناجيح ج 6 ص 180) ٭ سرمي استعمال ڪرڻ جي ٽن منقول طريقن جو خلاصو پيش خدمت آهي: (1) ڪڏهن ٻنهي اکين ۾ ٽي ٽي سرائيون (2) ڪڏهن ساڄي اک ۾ ٽي ۽ کاٻي ۾ ٻه، (3) ته ڪڏهن ٻنهي اکين ۾ ٻه ٻه ۽ وري آخر ۾ هڪ سرائي کي سرمي واري ڪري ان کي واري واري سان ٻنهي اکين ۾ لڳايو۔ (شعب الايمان ج 5 ص 218، 219) اهڙي طرح ڪرڻ سان اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ ٽنهي طريقن تي عمل ٿيندو رهندو۔ ٭ عزت وارا جيترا به ڪم آهن سڀئي اسان جا پيارا آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ساڄي پاسي کان شروع ڪندا هئا، تنهنڪري پهريان ساڄي اک ۾ سُرمو لڳايو پوءِ کاٻي اک ۾۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                         صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد