Zindgi Ka Maqsad

Book Name:Zindgi Ka Maqsad

۾ مبتلا نه ٿيون، ٭ اسان زِندَگي جو مقصد تڏهن ئي ماڻي سگھون ٿيون، جڏهن سون ۽ جَوَاهرات کان وڌيڪ قيمتي لَمحن جي ناقَدري نه ڪريون، ٭ اسان زِندَگي جو مقصد تڏهن ئي ماڻي سگھون ٿيون، جڏهن پنهنجي شب وروز کي فُضُولِيات ۽ دُنياوِي عيشن ۾ ضائع نه ڪريون، ٭ اسان زِندَگي جو مقصد تڏهن ئي ماڻي سگھون ٿيون، جڏهن انهن ڪمن کي ادا ڪرڻ ۾ هرگز سُستي جو مُظَاهرو نه ڪريون، جن کي شريعت ڪرڻ جو حُڪم فرمايو آهي۔ ٭ اسان زِندَگي جو مقصد تڏهن ئي ماڻي سگھون ٿيون، جڏهن شريعت جي منع ڪيل ڪمن ۾ اَگر مَگر“ ”پوءِ ته، جيئن ته کان ڪم وٺڻ جي بدران هڪ لمحي جي به تاخير نه ڪريون ۽ انهن کي ڇڏي ڏيون۔

مدني انعام نمبر 26 جي ترغيب

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ اميرِ اهلسنّت باني دعوتِ اسلامي حضرتِ علامه مولانا ابوبلال محمداِلياس عطّار قادِري دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ اسان کي هن پُرفتن دور ۾ زندگي جي مقصد کي ماڻڻ جي لاءِ شريعت و طريقت جو جامع مجموعو بناممدني انعامات عطا فرمايا آهن۔ جيڪڏهن هنن انعامات تي عمل ڪيو وڃي ته يقيناً نه صرف دنيا موچاري ٿي سگھي ٿي بلڪه آخرت جون چڱايون به نصيب ٿي سگھن ٿيون۔ هر مدني انعام پنهنجي اندر دين تي عمل ۽ گناهن کان پاسو ڪرڻ جي زبردست تحريڪ رکي ٿو۔ جيئن مدني انعام نمبر 26 اسان کي هڪ تمام وڏي گناھ کان بچائي ٿو، مدني انعام اهو آهي: ڇا اڄ توهان ڪٿي نا مَحرم مائٽن، نامَحرم پاڙيوارين ۽ پڻ ڏير سان معاذالله بي تڪلف ٿي کلي ڪري ڳالهائڻ جو ممنوع ڪم ته نه ڪيو؟ ڇا انهن جي سامهون اچڻ کان پاسو ڪيو ۽ انهن کان شرعي پردو ڪيو؟

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! ياد رکو! بي پردگي انسان کي دنيا ۽ آخرت ۾ رُسوا ڪندي آهي، بي پردگي ڪرڻ واري الله پاڪ جي نافرمانين ۾ وڌندي ويندي آهي، بي پردگي جي ڪري هر وقت دل و دِماغ ۾ شيطان سمايل رهندو آهي، بي پردگي جي ڪري عجيب بي سڪوني طاري رهندي آهي، بي پردگي جي ڪري نَفساني خَواهشات ۽ خيالات غالب رهندا آهن، لهٰذا پاڻ کي بي پردگي ۽ بدنگاهي جهڙن گناهن کان پري رکو ۽ پنهنجي زندگي جي مقصد کي پنهنجي اڳيان رکندي هن تي عمل جي ڪوشش ڪريو۔