Book Name:Zindgi Ka Maqsad
٭منصوبو ته اسان کي اهو ٺاهڻو هو ته اسان کي نيڪ عملن جي ڪثرت ڪيئن ڪرڻي آهي؟ ٭ منصوبو ته اسان کي اهو ٺاهڻو هو ته آخرت کي ڪيئن بهتر بنائڻو آهي؟ ٭ منصوبو ته اسان کي اهو ٺاهڻو هو ته منڪر نڪير جي سوالن جي جوابن ۾ ڪاميابي ڪيئن ملي سگھي ٿي؟ ٭ منصوبو ته اسان کي اهو ٺاهڻو هو ته قبر ڪيئن نورٌ عليٰ نور ٿي سگھي ٿي؟ ٭ منصوبو ته اسان کي اهو ٺاهڻو هو ته جهنم جي هولناڪ عذاب کان ڪيئن بچي سگھون ٿيون؟ ٭ منصوبو ته اسان کي اهو ٺاهڻو هو ته پُل صراط جي لاءِ بهترين سواري ڪهڙي ٿي سگھي ٿي؟ ٭ منصوبو ته اسان کي اهو ٺاهڻو هو ته حساب ڪتاب مان ڪيئن جان ڇُٽندي؟ ٭ منصوبو ته اسان کي اهو ٺاهڻو هو ته اسان محشر جي سخت اُس مان ڪيئن بچي سگھون ٿا؟ ٭ منصوبو ته اسان کي اهو ٺاهڻو هو ته اسان قيامت جي گرمي کان ڪيئن محفوظ رهي سگھون ٿيون؟ ٭ منصوبو ته اسان کي اهو ٺاهڻو هو ته قيامت جي بک اُڃ مان ڪيئن بچي سگھون ٿيون؟ اَلغَرَض! ٭ منصوبو ته اسان کي اهو ٺاهڻو هو ته دنيا ۾ بهترين عمل ڪري جنت جو ابدي گھر ڪيئن حاصل ڪري سگھون ٿيون پر افسوس! اسان دنيا جي منصوبه سازين ۾ لڳي ڪري مال ۽ دولت جي حرص ۾ پنهنجي مقصدِ حيات کي وساري ويٺيون سون۔
ٿورو سوچيو! ٭ ڪڏهن اسان آخرت جو نفعو ماڻڻ جي لاءِ به ڪو منصوبو بڻايو آهي؟ ختمِ قرآن اسان ڪيترن ڏينهن ۾ ڪهڙي طرح سان ڪري سگھون ٿيون، ڪڏهن هن تي به عمل ڪيو آهي؟ ٭ پنج نمازون ته فرض آهن ان جي علاوه تهجد، اوّابين ۽ اشراق وچاشت جي سعادت اسان کي ڪيئن حاصل ٿي سگھي ٿي ڇا ڪڏهن هن جو به سوچيو آهي؟ ٭ اسان جي آقا، مديني واري مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم نفل روزا رکندا هئا، اسان هن سعادت کي ڪيئن حاصل ڪري سگھون ٿيون، ڪڏهن خيال ڪيو آهي؟ ٭ الله واريون ڪيئي ڪيئي راتيون نماز ۽ قيام ۾ گذارينديون آهن ڪڏهن اسان کي به اها سعادت حاصل ٿي آهي؟ ٭ نيڪي جي دعوت ڏيڻ دين جو بنيادي فريضو آهي ڇا اسان به اهو سوچيو آهي ته اسان ڪهڙي طرح نيڪي جي دعوت ۾ حصو وٺي سگھون ٿون؟
پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! ٭ اسان زِندَگي جو مقصد تڏهن ئي ماڻي سگھون ٿيون، جڏهن زندگي بلڪه زِندَگي جي هر هر لَمحي جي قدر ڪريون۔ ٭ اسان زِندَگي جو مقصد تڏهن ئي ماڻي سگھون ٿيون، جڏهن هن فاني دنيا جي ڌوڪي