Zindgi Ka Maqsad

Book Name:Zindgi Ka Maqsad

سان مجلس قائم آهي جنهن جو بُنيادي مَقصَد انهن اِدارن سان وابسته ماڻهن کي دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته ڪندي سُنّتن جي مُطَابِق زِندگي گُذارڻ جو مدني ذِهن ڏيڻو آهي، اها مجلس ڪالجز ۽ يونيورسٽيز جي استادن (Teachers) ۽ شاگردن (Students) سان سٺين سٺين نيتن سان تعلقات قائم ڪري انهن کي نبي ڪريم، روف و رحيم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جي سُنّتن سان روشناس ڪرائيندي آهي،

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

ڏينهن جو اعلان!

   پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اسان زندگي جي مقصد جي باري ۾ ٻڌي رهيون هيون سين۔ هن ۾ ڪو شڪ ناهي ته زندگي جو جيڪو ڏينهن نصيب ٿئي ان کي غنيمت سمجھڻ گھرجي ۽ ان ۾ زندگي جي مقصدِ حقيقي کي ماڻڻ جي ڪوشش ڪرڻ گھرجي۔ اسان کي خبر ناهي ته ايندڙ صبح اسان کي نصيب ٿيندو يا نه؟ اسان کي خبر ناهي ته سڀاڻي ماڻهو اسان کي ”جناب“ چئي سڏين ٿا يا ”مرحوم (Late)چئي ياد ڪن ٿا۔ اڄ ڪاروباري ماڻهن جي زبان تي اها ڳالھ ٿيندي آهي جو جيڪو ڪجھ ڪرڻو آهي جلدي ڪريو سيزن هلي رهيو آهي۔ بازار تيز آهي ،ان ڪري جيڪو ڪمائڻو آهي ڪمائي وٺو۔ يعني اها ڳالھ دماغ ۾ هوندي آهي ته وقت تيزي سان گذري رهيو آهي ۽ وقت جي اها ئي تيز رفتاري اسان کي پنهنجي موت جي منزل ڏانهن کڻي وڃي رهي آهي۔ قرآنِ پاڪ اسان کي ٻڌائي رهيو آهي، جيئن سيپاري 30 سوره اِنشِقاق جي آيت نمبر6 ۾ ارشاد آهي:

یٰۤاَیُّهَا الْاِنْسَانُ اِنَّكَ كَادِحٌ اِلٰى رَبِّكَ كَدْحًا فَمُلٰقِیْهِۚ(۶)

ترجَمو ڪنزالايمان: اي انسان بيشڪ توکي پنهنجي رب جي طرف ضرور ڊوڙڻو آهي پوءِ ان سان ملڻو آهي

منصوبه سازي پر ڇا جي لاءِ  ؟

      پياريون پياريون اسلامي ڀينرون!اسان جي منصوبه بندي، سوچ ۽ فِڪر دُنيا جي دائري ۾ محدود ٿي رهجي وئي آهي جڏهن ته ٭ منصوبو ته اسان کي اهو ٺاهڻو هو ته اسان کي الله پاڪ جي بارگاھ ۾ ڪهڙا عمل کڻي وڃڻا آهن؟