Book Name:Zindgi Ka Maqsad
روئڻ ته اهڙو آهي ته) شايد تو ڪنهن کي قتل ڪيو هجي؟ حضرت سيدُنا ربيع رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه عرض ڪيائون: جي ها، اي امڙ! (ائين ئي آهي) مون ڪنهن کي قتل ڪيو آهي۔ والده پڇيائين: اهو مقتول ڪير آهي؟ ته جيئن ان جي وارثن سان سفارش ڪئي وڃي ته جيئن اهي توهان کي معاف ڪن۔ الله پاڪ جو قسم! جيڪڏهن هن مقتول جي وارثن کي توهان جي آهه وزاري ۽ شب بيداري ڪرڻ معلوم ٿي وڃي ته اهي تو تي رحم ڪندي ضرور توکي معاف ڪري ڇڏين۔ عرض ڪيائون: امڙ سائڻ! اهو مقتول ٻيو ڪو ناهي بلڪ منهنجو نفس آهي۔ ( الله والوں ڪي باتيں،۲/۱۸۳ تا ۱۸۵ملتقطاً)
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! هن ۾ ڪو شڪ ناهي پنهنجي زندگي جي مقصد کي ماڻڻ جي لاءِ اولياءِ ڪرام جو طرزِ زندگي اسان جي لاءِ بهترين نمونو آهي، هي اهي ماڻهو هئا جيڪي رِضاءِ الٰهي جي لاءِ هميشه تيار رهندا هئا، هي اهي ماڻهو هئا جيڪي دنيا کان پري رهي آخرت جي تياري ڪندا هئا، هي اهي ماڻهو هئا جيڪي دنيا ۾ رهندا هئا پر دنيا جا نه ٿيندا هئا، هي اهي ماڻهو هئا جيڪي علم وعمل جا پيڪر هئا، هي اهي ماڻهو هئا جن پنهنجي عملي زندگي سان اسان کي سبق ڏنو آهي ته هڪ مسلمان دنيا کي آخرت جي کيتي ڪهڙي طرح بڻائي سگھي ٿو، هي اهي ماڻهو هئا جن پنهنجي مدني سوچ ۽ مدني ڪردار جي ذريعي ثابت ڪيو ته هڪ مسلمان کي دنيا ۾ ڪهڙي طرح رهڻ گھرجي۔ جيڪڏهن اسان انهن کي پنهنجو آئيڊيل بڻائي وٺون ته مقصدِ حيات کي ماڻڻ ڪافي آسان ٿي سگھي ٿو۔
انهن نيڪ صفت ماڻهن مان هڪ شخصيت ملڪ العُلَماء، خليفَه اعليٰ حضرت علامه مولانا مفتي ظفر الدين بهاري رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه پڻ آهن۔ انهن رضاءِ الٰهي کي زندگي جو مقصد بڻائي حصولِ علم ۽ تبليغِ دين ۾ سڄي زندگي وقف ڪري ڇڏي۔ حضرت علامه ظفرالدين بهاري رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه گھڻا نيڪ ۽ تقويٰ و پرهيز گاريءَ جا پيڪر هئا۔ حضرت علامه ظفرالدين بهاري رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جو آخري عمر تائين اهو معمول رهيو ته فجر کان پهريان بيدار ٿيندا هئا ۽ نمازِ فجر جي تياري ڪري،