Book Name:Zindgi Ka Maqsad
شروع ڪنديون هيون ۽ گڏوگڏ پاڻ کي چونديون هيون: رابعه! اها به ڪا ننڊ آهي، هن جو ڇا لطف؟ ان کي ڇڏي ڏي ۽ قبر ۾ مزي سان وڏي عرصي جي لاءِ ستل رهجان، اڄ ته توکي گھڻي ننڊ نه آئي پر ايندڙ رات ۾ ننڊ خوب ايندي، همت ڪر ۽ پنهنجي ربّ کي راضي ڪر۔ هن طرح ڪندي ڪندي پاڻ پنجاھ (50) سال گذاري ڇڏيا جو پاڻ نه ئي ڪڏهن بستر تي آرام ڪيائون ۽ نه ئي ڪڏهن وهاڻي تي مٿو رکيائون ايستائين جو سندن وفات ٿي وئي۔
(خوفِ خدا،ص:۹۴)
حضرت رابعه بصريه رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْهَا جي هڪ ٻانهيء وصال جي هڪ سال بعد انهن کي خواب ۾ هن حال ۾ ڏٺو جو پاڻ جَنَّت جي اَعليٰ دَرَجن ۾ آهن ۽ سبز ريشم جو بهترين لباس پاتل آهي ۽ سبز ريشم جي پوتي پاتل آهي۔ ٻانهيء جو بيان آهي ته الله پاڪ جو قسم! مون ڪڏهن اهڙو خُوبصورت لباس نه ڏٺو جيئن حضرت رابعه بصريه رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْهَا کي پاتل هو۔ (عيون الحڪايات، ۱/۱۶۸، ملتقطاً)
الله جا ولي حضرت سَيدُنا ربيع بن خُثَيم رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه سڄي زندگي مقصدِ زندگي (Purpose of Life) کي ماڻڻ ۾ گذاري۔ حضرت سَيدُنا ربيع رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه تابعين مان هئا، مشهور صحابي رسول حضرت عبدالله بن مسعود رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جا خاص شاگرد هئا۔ ڪثرت سان عبادت ڪرڻ سندن معمول هو، خوفِ خدا جي ڪري سندن حالت اها هئي جو موت قبر ۽ آخرت جي علاوه ڪجھ ياد نه رهندو هو۔ سندن هڪ شاگرد جو بيان آهي: حضرت ِ سيدُناربيع بن خُثَيم رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه زلفون سجايل هيون (يعني زلف مبارڪ هئا)۔ شام جي وقت جڏهن گھر تشريف کڻي ويندا هئا ته اسان سندن وارن ۾ نشاني رکندا هئاسين۔ جڏهن صبح ٿيندو هو ته اها نشاني ساڳي حالت ۾ برقرار رهندي هئي۔ هن سان اسان سمجھي ويندا هئاسين ته پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه سڄي رات بستر تي نه ليٽيا ۽ سڄي رات عبادت ۾ گذاري آهي۔
حضرت ِسيدُنا ربيع رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي والده ماجده انهن کي (سڄي رات عبادت ۾ مشغول ڏسنديون هيون ته) فرمائينديون هيون: اي پٽ ربيع! توهان سمهو ڇو نٿا؟ عرض ڪندا هئا: اي امڙ سائڻ! جنهن تي رات ڇائنجي وڃي ۽ ان کي رات جو مرڻ جو خوف هجي ته ان کي گھرجي ته رات جو نه سمهي۔ ڪجھ دير کان پوءِ جڏهن والده روئڻ جو آواز ٻُڌو ۽ شب بيداري ڏٺي ته چيائين: اي پٽ! (تنهنجو