Book Name:Shetan Ki Insan Say Dushmani

 

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ثواب حاصل ڪرڻ خاطر بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نِيّتون ڪري وٺون ٿا. فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَنِيَّةُ الۡمُؤۡمِنِ خَيۡرٌ مِّنۡ عَمَلِهٖ  يعني مسلمان جي نِيّت ان جي عمل کان بهتر آهي .

(المعجم الڪبير،سهل بن الساعدي...الخ ج 6، ص 185، الحديث: 5942) 

ٻه مدني گُل:  (1) بغير سٺي نيّت جي ڪنهن به نيڪ عمل جو ثواب ناهي ملندو.

      (2) جيتريون سٺيون نِيّتون وڌيڪ، اوترو ثواب به وڌيڪ.

بيان ٻڌڻ جون نِيَّتون

٭ نگاهون جھڪائي پوري توجھ سان بيان ٻڌندس ٭ ٽيڪ لڳائي ويهڻ بدران علمِ دين جي تعظيم خاطر جيترو ٿي سگهيو ٻئي گوڏا وڇائي ويهندس ٭ ضرورت پوڻ تي ٻين جي لاءِ سِرڪي جاءِ ڪشاده ڪندس ٭ ڌِڪو وغيره لڳو ته صبر ڪندس، گھوري ڏسڻ ۽ اَٽڪڻ کان بچندس ٭ صَـلُّـوا عَلَي الحَبِيـب! اُذکُرُالله , تُوبُوا اِلَـي الله! وغيره ٻڌي ثواب ڪمائڻ ۽ صدا لڳائڻ وارن جي دِل جوئي جي لاءِ بلند آواز سان جواب ڏيندس ٭ بيان کان پوءِ پاڻ اڳتي وڌي سلام، مصافحو ۽ انفرادي ڪوشش ڪندس۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

          پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! يقينًا هر شخص پنهنجي دشمن کان نفرت ڪندو آهي ۽ ان جي شر کان بچڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ۽ دشمن جيترو وڌيڪ مضبوط هجي ان کان محفوظ رهڻ جي اوتري ئي وڌيڪ احتياط ڪئي ويندي آهي، اُوترائي حفاظتي انتظام به وڌيڪ ڪيا ويندا آهن، ياد رکو!  انسان جو سڀ کان وڏو ۽ سڀ کان خطرناڪ ((Dangerous دشمن شيطان آهي اولياءِ ڪرام کان وٺي ڪري عام انسان تائين هر هڪ کان دشمني رکي ٿو ۽ انهن کي ورغلائڻ جي لاءِ طرح طرح جي حيلن بهانن کان ڪم وٺي ٿو، الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ ڪيئي هنڌن تي شيطان جي عداوت ۽ دشمني جي سڃاڻپ ڪرائي