Book Name:Achy Amaal Ki Barkten
هڪ امتي جي گھر ۾ وڻ هو۔ هڪ ڪبوتريءَ ان وڻ تي آکيرو ٺاهي ورتو، ان ۾ آنا لاٿا ۽ ڪجھ عرصي کان پوءِ آنن مان ٻچا نڪتا ته ان شخص جي ٻارن جي ماءُ چيو: وڻ تي چڙھ ۽ پکيءَ جي ٻچن کي پڪڙ، انهن کي پچائي ٻارن کي کارايون ٿا۔ ان شَخص ائين ئي ڪيو۔ ڪبوتريءَ حضرتِ سيدُنا سليمان عَلَيۡهِ السَّلَام جي بارگاھ ۾ شڪايت ڪئي ته اوهان جي امتي هن طرح ڪيو آهي۔ حضرت سيدنا سليمان عَلَيۡهِ السَّلَام ان کي گھرائي آئنده ائين ڪرڻ کان روڪيائون ۽ اهو به فرمايائون ته آئنده ائين ڪندؤ ته سزا ملندي۔ ان آئنده ائين نه ڪرڻ جو يقين ڏياريو ۽ هليو ويو۔ ڪجھ عرصي کان پوءِ ڪبوتري ٻيهر آنا لاٿا پوءِ ان مان ٻچا نڪتا۔ ان شَخص جي زال ٻيهر ان کي ان تي اڀارڻ لڳي۔ ان چيو: مون کي حضرتِ سيدُنا سليمان عَلَيۡهِ السَّلَام منع فرمايو آهي۔ عورت چيو: توهان ڇا سمجھو ٿا ته حضرتِ سيدُنا سليمان عَلَيۡهِ السَّلَام تنهنجي ۽ ان ڪبوتريءَ جي لاءِ فارغ ويٺا هوندا، سڄي دنيا تي سندن حڪومت آهي، اهي پنهنجي بادشاهي جي معاملن ۾ مصروف هوندا، جلدي ڪر ۽ ڪبوتري جي ٻچن کي پڪڙي اچ۔ زال جو جواب ٻڌي، هو وڻ تي چڙهيو ۽ ۽ ڪبوتريءَ جي ٻچن کي پڪڙي آندائين ۽ پچائي کائي ويو۔ ڪبوتري ٻيهر حضرتِ سيدُنا سليمان عَلَيۡهِ السَّلَام جي بارگاھ ۾ شڪايت ڪئي۔ پاڻ عَلَيۡهِ السَّلَام کي گھڻو جلال آيو ۽ اوڀر ۽ اولھ جي ڪنارن مان ٻن جِنّن کي سڏي فرمايائون: توهان ٻئي فلاڻي وڻ وٽ ترسو۔ اهو شَخص آئنده جيڪڏهن انهيء ارادي سان وڻ تي چڙھي ته ان جو هڪ پير اوڀر ڏانهن ۽ ٻيو اولھ ڏانهن ڇڪجو، اهڙي طرح ان نافرمان جا ٻه ٽڪر ڪري ڇڏجو۔ حڪم ملندي ئي ٻئي جنّ ٻڌايل وڻ وٽ پهچي ويا۔ اهو شَخص ٽئين ڀيري وڻ تي چڙھڻ جي لاءِ تيار ٿيو ئي هو جو ڪنهن فقير ماني گھري، ان پنهنجي زال کي چيو: هن فقير کي ڪجھ ڏئي ڇڏيو۔ عورت چيو: مون وٽ ڏيڻ جي لاءِ ڪجھ نه آهي۔ اهو شَخص پاڻ ڪمري ۾ ويو، ان کي ماني جو هڪ گرھ مليو، اهو ئي گرھ ان فقير کي ڏنو، پوءِ وڻ تي چڙھي بنا ڪنهن تڪليف جي آساني سان ڪبوتري جي ٻچن کي پڪڙي ورتو۔ ڪبوتري ٻيهر شڪايت ڪئي، ته حضرت سَيدُنا سليمان عَلَيۡهِ السَّلَام ٻنهي جنّن کي سڏائي ارشاد فرمايائون: ڇا توهان ٻنهي منهنجي حڪم جي خلاف ورزي ڪئي آهي؟ انهن عرض ڪيو: يا نَبِي اللّٰه! اسان هرگز اوهان جي حڪم جي خلاف ورزي ناهي ڪئي، اسان ته اوهان جو حڪم ٿيندي ئي ان وڻ وٽ پهچي وياسين پر جڏهن اهو شخص وڻ تي چڙھڻ لڳو ته ڪنهن سوالي ماني گھري، هن ان کي ماني جو هڪ گرھ ڏنو