Book Name:Achy Amaal Ki Barkten
هنن پساهن کي غنيمت سمجھندي نيڪين جي ذريعي پنهنجي آخرت بهتر بڻائڻ گهرجي، پساهن جي اها مالا خبر ناهي ته ڪڏهن اوچتو ٽٽي وکري وڃي ۽ خدانخواسته اسان کي گُناهن کان توبه جو وَقت به نه ملي سگھي ۽ اسان جي آخرت برباد ٿي وڃي۔ تنهنڪري اسان کي به پنهنجي آخرت بهتر بڻائڻ جي لاءِ روزانو ڪجھ نه ڪجھ سٺا عمل ڪرڻ جو هدف بڻائڻ گھرجي ته جيئن نيڪ عملن جي عادت بڻجي سگھي۔ ان جو آسان طريقو هي آهي ته سٺين سٺين نيتن سان مدني انعامات تي عمل ۽ روزانو فڪرِ مدينه جي ذريعي مدني انعامات جو رسالو ڀريو ۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ مدني انعامات روزانو نيڪيون ڪمائڻ جو اهو عظيم مدني نسخو آهي جو جنهن جي ذريعي صبحِ صادق کان وٺي رات سمهڻ تائين چڱا عمل ڪرڻ جا گھڻا موقعا ملن ٿا۔
شيطان ڪڏهن به اهو نه چاهيندو ته اسان مدني انعامات تي عمل ڪري سڄي ڏينهن ۾ ايتريون وڌيڪ نيڪيون ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃون، هو هن نيڪ ڪم کان روڪڻ جي لاءِ وڏا حيلا ڪندو، طرح طرح جي وسوسن جيئن ”مان ته گھڻو مصروف آهيان“ ”ايترو وقت ڪٿي“ ”سڀاڻي کان ڪندَس“ ۾ مبتلا ڪري ورغلائڻ جي ڪوشش ڪندو۔ جيڪڏهن اوهان انهن وسوسن تي ڌيان ڏيڻ جي بغير مدني انعامات تي غور ڪريو ته شايد حيران رهجي وينديون ته جن مدني انعامات تي عمل ڪرڻ مُشڪل لڳي ٿو، انهن تي عمل ڪرڻ ته تمام ئي آسان آهي،
پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اڄوڪي دور ۾ اسان جي لاءِ مدني انعامات تي عمل ڪيتري قدر ضروري آهي، ان جو اندازو اوهان کي انهيء وقت ٿي سگھندو جڏهن اوهان مدني انعامات جي رسالي جو غور سان مُطالعو ڪنديون۔ انهن مدني انعامات ۾ فرض، واجبات ۽ سُنتون ۽ مُستحبن تي عمل جي ترغيب سان گڏوگڏ ڪٿي اخلاق حاصل ڪرڻ جا مدني گل به خوشبو ڦهلائي رهيا آهن ته ڪٿي گُناهن کان بچڻ ۽ آساني سان نيڪيون ڪرڻ جا طريقا پنهنجون برڪتون لُٽائي رهيا آهن۔ تنهنڪري جيڪڏهن اسان به گناهن جي بيمارين کان ڇوٽڪارو ماڻي نيڪين ڀري زندگي گزارڻ چاهيو ٿيون ته اڄ ئي کان مدني انعامات تي عمل شروع ڪري ڇڏيو، اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ ان جون وڏيون برڪتون پنهنجي اکين سان ڏسنديون سين۔ اچو! اسان سڀئي گڏجي نيت ڪريون ٿيون ته اسان به فيضانِ مدني انعامات مان حصّو