Share this link via
Personality Websites!
الانبياء صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جڏهن ماڻهن کي نماز پڙهائيندا هئا ته ڪجهه صحابه عَلَیْہِمُ الرِّضْوَان نماز ۾ ئي قيام جي حالت ۾ بُک جي سختيءَ جي سبب ڪِري پوندا هئا ۽ اهي اصحابِ صُفه هوندا هئا۔ ايستائين جو اعرابي چوندا هئا ته اهي ديوانا آهن۔ جڏهن سرڪارِ مدينہ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ نماز مان فارغ ٿيندا هئا ته انهن ڏانهن توجهه ڪري فرمائيندا هئا، جيڪڏهن توهان کي معلوم ٿي وڃي ته توهان جي لاءِ الله تعاليٰ وٽ ڪيڏو (اجر ۽ ثواب) آهي ته توهان انهيءَ ڳالهه کي پسند ڪريو ته توهان جي بُک ۽ حاجت منديءَ ۾ اضافو ٿئي۔ (فيضانِ سنّت، ص۷۰۲،ترمذي،ڪتاب الزهدباب ماجاء في معيشة ۔۔۔الخ،۴/۱۶۲،حديث:۲۳۷۵)
.2حضرت سَيدُنا ابوهريره رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ جيڪي اصحابِ صفه مان هئا اهي فرمائن ٿا: مون (بُک سبب) پنهنجي اها حالت به ڏٺي جو مديني جي تاجوَر، محبوبِ ربّ اڪبر صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن جي مِنبر شريف ۽ اُمُّ الۡمؤمنين حضرتِ سيّدتنا عائشه صديقه رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہا جي حُجري مبارڪ جي وچ ۾ بيهوش ٿي ڪِري پوندو هئس، ڪو ماڻهو اچي منهنجي ڪنڌ تي پير رکي ڇڏيندو ۽ هو اهو سمجھندو هو ته مون تي جُنون (يعني چريائپ) جي ڪيفيت طاري آهي، حالانڪ مون کي جُنون وغيره ڪجهه به نه هوندو هو اِها حالت بُک جي ڪري هوندي هئي۔
(فيضانِ سنّت ص۶۹۵،بخاري،ڪتاب الاعتصام بالڪتاب والسنة باب ذڪر النبي ۔۔الخ،۴/۵۱۵،حديث:۷۳۲۴)
.3حضرت ابو سعيد خدري رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ فرمائن ٿا ته هڪ ڀيري اسان ضعيف ۽ نادار ماڻهو ويٺل هئاسين ته حضورِاڪرم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ اسان وٽ تشريف فرما ٿيا، ان وقت هڪ شخص قرآنِ ڪريم جي تلاوت ڪري رهيو هو ۽ اسان لاءِ دعا گھري رهيو هو۔ ته پاڻ ڪريمن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن ارشاد فرمايائون: ”سڀ تعريفون الله جي لاءِ جنهن منهنجي امت ۾ اهڙا نيڪ سيرت ٻانها پيدا ڪيا، جن سان گڏ رهڻ جو مون کي حڪم ڏنو ويو آهي۔“ پوءِ ارشاد فرمايائون: ”مسلمان فقراء کي قيامت جي ڏينهن ڪامل نور جي بشارت آهي ۽ اهي غني ماڻهن کان اڌ ڏينهن پهريان جنت ۾ داخل ٿيندا يعني پنج سو سال پهريان داخل ٿيندا اهي فقراء جنت ۾ نعمتن کان لطف اندوز ٿي رهيا هوندا ۽ غني ماڻهن جو محاسبو
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami