Share this link via
Personality Websites!
جيئن: (1) معلوم ٿيو ته چڱن سان گڏ رهڻ چڱو آهي توڙي جو اهي فُقراء هجن ۽ برن سان گڏ رهڻ برو آهي توڙي جو اهي مالدار هجن۔ (2) اهو به معلوم ٿيو ته صبح و شام خصوصيت سان الله پاڪ جو ذڪر ڪرڻ گھڻو افضل آهي۔ (3) نيڪن جون ٻه نشانيون به هن آيت ۾ بيان فرمايون، پهرين هي جو اهي صبح ۽ شام الله پاڪ جو ذڪر ڪن ٿا ۽ ٻي هي جو هر عمل سان الله پاڪ جي رضا ۽ خوشنودي جا طلبگار هوندا آهن۔ (4) هن آيت ۾ دنيا دارن ڏانهن نظر رکڻ ۽ انهن جي پيروي کان منع فرمايو ويو آهي۔ (صراط الجنان، ۵/۵۵۹ ملتقطاً)
صَلُّو ا عَلَي الْحَبِيب ! صلَّي الله تعالٰي علٰي محمَّد
پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اَصحابِ صُفّه جي شان ۽ عظمت جي ڇا ڳالھ ڪجي! هي اهي خوش نصيب ماڻهو هئا جيڪي مدني حبيب، طبيبن جي طبيب صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي صحبت ۾ ئي رهندا هئا، انهن زندگي جون تمام نعمتون گھرٻار، اهل و عيال، مال ۽ دولت، جاھ ۽ ثروت ۽ عيش و عشرت کي دين جي تعليم ۽ اشاعتِ اسلام جي لاءِ قربان ڪري ڇڏيو هو۔ اَصحابِ صُفّه ۾ وڏا وڏا جليل القدر صحابَه ڪرام عَلَیْہِمُ الرِّضْوَان شامل (Included) آهن۔ مشهور اصحابِ صُفّه ۾ حضرت سيدنا ابُوهُرَيره، حضرت سيدنا بلال حَبشي، حضرت سيدنا ابُوذَر غِفاري، حضرت سيدنا عَمَّار بِن ياسِر، حضرت سيدنا سلمان فارسي، حضرت سيدنا حُذيفه بن اليَمان، حضرت سيدنا ابو سعيد خُدري رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُم جهڙا جَلِيلُ القَدۡر صحابي شامل آهن۔ (سيرتِ رسولِ عربي، ص۱۱۶ ملخصاً)
اَصحابِ صُفّه تمام غريب هئا، اڪثر بُک واري زندگي ۾ رهندا هئا، نبي ڪريم، رسولِ عظيم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ وٽ جڏهن ڪو تحفو، صدقو يا مالِ غنيمت ايندو هو ته پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ان مان اصحابِ صفه تي خرچ ڪندا هئا۔ ۽ ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو هو ته اهي عظيم ماڻهو ڪيئي ڪيئي ڏينهن تائين بکايل رهندا هئا۔ انهيءِ ڪري اهي تمام ڪمزور، ضعيف، هيڻا ۽ نادار هئا۔ اچو اَصحابِ صُفّه جي غريبي ۽ ڪمزوري جي باري ۾ ڪجھ روايتون ٻڌون ٿيون:
.1 حضرت سيّدُنا فَضالَه بن عُبيدرَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ فرمائن ٿا؛ حبيبِ ڪِبۡريا، اِمامُ
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami