Share this link via
Personality Websites!
٭ نگاهون جھڪائي پوري توجھ سان بيان ٻڌندَس ٭ ٽيڪ لڳائي ويهڻ بدران علمِ دين جي تعظيم خاطر جيترو ٿي سگهيو ٻئي گوڏا وڇائي ويهندَس ٭ ضرورت پوڻ تي ٻين اسلامي ڀينرن جي لاءِ سِرڪي جاءِ ڪشاده ڪندَس ٭ ڌِڪو وغيره لڳو ته صبر ڪندَس، گھوري ڏسڻ ۽ اَٽڪڻ کان بچندَس ٭ صَـلُّـوا عَلَي الحَبِيـب! اُذکُرُالله , تُوبُوا اِلَـي الله! وغيره ٻڌي ثواب ڪمائڻ ۽ صدا لڳائڻ واريءَ جي دِل جوئي جي لاءِ آهسته آواز سان جواب ڏيندَس ٭ بيان کان پوءِ پاڻ اڳتي وڌي سلام، مصافحو ۽ انفرادي ڪوشش ڪندَس۔دوران بيان موبائل جي غيرضروري استعمال کان بچندَس،نه بيان ريڪارڊ ڪندَس نه ئي ٻئي ڪنهن قسم جو آواز ڇو ته ان جي اجازت ناهي،جيڪو ڪجهه ٻُدَندَس،ان کي ٻڌي ۽ سمجهي ڪري ان تي عمل ڪرڻ ۽ ان کي بعد ۾ ٻين تائين پهچائي نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪندَس.
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! صحابَه ڪرام جو شان ايترو بي مثال آهي جو ڪو به امتي چاهي اهو ڪيتري به وڏي مرتبي تي پهتل هجي، انهن جي مقام ۽ رُتبي کي نٿو پهچي سگھي۔ هي اهي مبارڪ هستيون آهن جن سڀ کان پهريان اسلام قبول ڪيو، هي اهي خوش نصيب آهن جن کي الله پاڪ پنهنجي محبوبِ جي صحبت اختيار ڪرڻ جي لاءِ چونڊيو، هي اهو مقدس گروه آهي جنهن کي حضور سڀ کان پهريان نيڪي جي دعوت ڏني، هي اهي پاڪيزه افراد آهن جن دينِ اسلام کي پکيڙڻ جي لاءِ ڪافرن جي ظلم ۽ ستم کي برداشت ڪيو، هي اهي ماڻهو آهن جن ابتداءِ اسلام جي مشڪل دور ۾ بک اُڃ برداشت ڪري، پيٽ تي پٿر ٻڌي، قريبي رشتيدارن، پنهنجن ۽ پراين جون دشمنيون سهي ڪري به پرچمِ اسلام کي بلند رکيو، يقيناً انهن جي بيحد محنتن ۽ لازوال قربانين جو نتيجو آهي جو اڄ اسان الله پاڪ ۽ ان جي پياري رسول کي ياد ڪندڙ آهيون ۽ هر پاسي دينِ اسلام جون بهارون آهن.
هونءَ ته تمام صحابه ڪرام نبي اڪرم، رسولِ محتشم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا پيارا ۽ هدايت جا روشن تارا آهن، سڀئي اسان جي اکين جو نور ۽
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami