Share this link via
Personality Websites!
ابوهريره رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ جي آستين (Sleeve) ۾ ننڍڙي ٻلي ڏسي فرمايائون: يا اَبَا هرَيرَة (يعني اي ننڍي ٻلي وارا)، تڏهن کان پاڻ ابوهريره جي ڪنيت سان مشهور ٿي ويا، پاڻ رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ نبيِ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جون ڪيئي حديثون روايت ڪيون آهن جن جو تعداد پنج هزار ٽي سو چوهتر(5374) آهي۔ (عمدة القاري،۱/۱۹۴، تحت الحديث:۹ ، ملخصاً) سندن عِلمِ دين سان شَغَف جو عالَم هي هو جو جيڪا ڳالھ معلوم نه هوندي هئي حُضُورِ اڪرم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ کان بنا حجاب جي پڇي وٺندا هئا۔ (الاصابه، ۷/۳۵۴) پنهنجو وڌ کان وڌ وقت نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي صحبتِ بابرڪت ۾ گذاريندا هئا۔ (اسد الغابة، ۶/۳۳۸) پاڻ رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ فرمائن ٿا هڪ ڀيري مون بارگاھ رسالت ۾ عرض ڪيو: يارسول الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ! مان اوهان کان فرمان ٻڌندو آهيان پر وسري ويندا آهن؟ ارشاد فرمايائون: ابوهريره! پنهنجي چادر ڦهلايو، مون ڦهلائي ته مالِڪ جنّت، قاسِمِ نعمت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ پنهنجي دستِ رحمت سان چادر ۾ ڪجھ وجھي ڇڏيائون ۽ فرمايائون: هن کي کڻي ۽ سيني سان لڳائي ڇڏ! مون حڪم جي پيروي ڪئي، ان کان بعد مان ڪا به شيء نه وسريس۔ (بخاري،ڪتاب العلم باب حفظ العلم ۱/۶۲، حديث: ۱۱۹ملخصاً)
مالکِ کَونین ہیں گو پاس کچھ رکھتے نہیں
دو جہاں کی نعمتیں ہیں ان کے خالی ہاتھ میں
حضرت سيدنا ابو هريره رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ هڪ ڀيري دعا گھري اَللَّهُم إني أَسْأَلُكَ عِلمًا لَا يُنسَي”اي الله پاڪ مان تون کان اهڙو علم گھران ٿو جيڪو ڪڏهن نه وساريان۔“ رسولِ خدا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ سندن دعا تي ” آمين“ فرمايو۔ (المستدرڪ علي الصحيحين، ۴/۶۴۹، حديث: ۶۲۱۴) سندن وٽ هزار ڳنڍون لڳل هڪ داڳو هو جنهن تي تسبيح پڙھڻ بنا نه سمهندا هئا۔ (صفة الصفوة ، ۱/۳۵۱) پاڻ رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ هر مهيني جي آغاز ۾ ٽي روزا رکندا هئا ۽ جيڪڏهن ڪنهن سبب نه رکي سگھندا هئا ته مهيني جي آخر ۾ ٽي روزا رکندا هئا۔ (ماخوذ اَز مسند احمد، ۳/۲۶۸، حديث: ۸۶۴۱) پاڻ رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ مدينه منوره جي قبرستان ”جنّت البقيع“ ۾ دفن آهن۔
پياريو پياريون اسلامي ڀينرون! اَلْحَمْدُلِلّٰہِ عَزَّ وَجَلَّ دعوتِ اسلامي سڄي دُنيا ۾ مسلمانن کي گناهن کا بچائڻ ۽ نيڪين جي راھ تي آڻڻ جي لاءِ مصروف عمل
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami