Share this link via
Personality Websites!
مصروف رهندا هئا جڏهن ته اسان جو حال هي آهي ته کائڻ پيئڻ جي هر طرح جون سهولتون اسان کي ميسر آهن، علمِ دِين حاصل ڪرڻ جا آسان ذريعا به موجود آهن۔ پر افسوس! صد ڪروڙ افسوس! اسان صرف نفس ۽ شيطان جي ورغلائڻ ۾ اچي ۽ غفلت ۽ سستي جي ڪري هن عظيم سعادت کان محروم آهيون، ايستائين جو فرض ۽ لازم علم ۽ تجويد سان قرآنِ پاڪ سکڻ جي لاءِ به اسان وقت نٿيون ڪڍون۔ ياد رکو! انسان جيستائين ڪنهن ڪم کي ڪرڻ جي لاءِ ذهني طور تي تيار نه هجي، اهو ڪم ڪيترو ئي آسان ڇونه هجي مشڪل لڳندو آهي۔ پر جڏهن ان ڪم کي ڪرڻ جو پڪو ذهن بڻايو وڃي ۽ ان جي لاءِ وس آهر ڪوشش ڪئي وڃي ته مشڪل کان مشڪل ڪم به آسان ٿي ويندو آهي۔ تنهنڪري علم ِدِين جي اهميت (Importance) کي سمجھو ۽ دنيا ۽ آخرت جي بهتري جي لاءِ هن جذبي کي عملي جامو پارائيندي علم دِين سکڻ ۾ مشغول ٿي وڃو۔ ياد رکو! جهڙي طرح کائڻ پيئڻ اسان جي جسم جي غذا (Diet) آهي، اهڙي طرح علم اسان جي دل جي غذا آهي، جيڪڏهن جسم کي کاڌو نه ڏنو وڃي ته هو ڪمزور ٿي ويندو آهي ۽ مسلسل ڪافي ڏينهن تائين بکايل رهڻ جي ڪري موت به ٿي سگھي ٿو، اهڙي طرح علم دل جي غذا آهي جيڪڏهن دل کي علم جي نور سان منور نه رکيو وڃي ته اها به مُرده ٿي ويندي آهي،
دل جي غذا علم ۽ حڪمت آهي
منقول آهي ته هڪ ڀيري حضرت سيدُنا فتح مُوصلي رَحْمَۃُ اللہِ تَعَالٰی عَلَیْہِ حاضرين کان پڇيائون: جڏهن مريض کي کائڻ پيئڻ ۽ دوا کان روڪيو وڃي ته ڇا اهو مري ناهي ويندو؟ ماڻهن عرض ڪيو: جي ها۔ ته پاڻ فرمايائون: اهو ئي معاملو دل جو آهي جڏهن ان کي ٽن ڏينهن تائين علم ۽ حڪمت کان روڪيو وڃي ته اها به مري ويندي آهي۔ امام غزالي رَحْمَۃُ اللہِ تَعَالٰی عَلَیْہِ فرمائن ٿا: حضرت سَيدُنا فتح مُوصلي رَحْمَۃُ اللہِ تَعَالٰی عَلَیْہِ سچ فرمايو ڇوته دل جي غذا علم ۽ حڪمت آهي ۽ هنن ٻنهي سان دل زنده رهندي آهي جيئن جسم جي غذا کائڻ پيئڻ آهي، جنهن علم کي حاصل نه ڪيو ان جي دل بيمار آهي ۽ ان جو موت يقيني آهي پر ان کي هن ڳالھ جو شعور ناهي هوندو ڇوته دنيا ۾ مشغوليت ان جي احساس کي ختم ڪندي آهي ۽ جڏهن موت ان مشغلن کي ختم ڪري ڇڏيندو آهي ته اها گھڻي تڪليف محسوس ڪندي آهي ۽ ان کي بي انتها افسوس ٿيندو آهي ۽ نبي اڪرم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي هن فرمانِ عاليشان: اَلنَّاسُ نِيامٌ فَاِذَامَاتُوْا اِنْتَبَھُوْا۔ يعني ماڻهو
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami