Share this link via
Personality Websites!
هيون سين، يقيناً اَصحابِ صُفّه دين جي خدمت ڪرڻ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هئا، اصحاب صفّه علمِ دين حاصل ڪرڻ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هئا۔ انهن جي بنيادي ڪمن مان هڪ علم دين حاصل ڪرڻ هو۔ ڪيئي روايتن ۾ انهن جي علم سکڻ ۽ سيکارڻ جو تذڪرو ملندو آهي۔ اچو! هن باري ۾ ڪجھ روايتون ٻڌون ٿيون:
حضرت سيدنا عثمان بن ابي عاص رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ جيڪي اصحابِ صفه مان هئا انهن جو معمول هو ته جڏهن ماڻهو منجھند جو هليا ويندا هئا ته هو رَسُولُ الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي بارگاھ ۾ حاضر ٿي دين بابت سوالات (Questions) ڪندا هئا ۽ قرآنِ ڪريم سکندا هئا ۽ اهڙي طرح انهن دين جي سمجھ ۽ علم حاصل ڪري ورتو ۽ ڪڏهن ائين به ٿيندو هو جو رَسُولُ الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ آرام فرمائي رهيا هوندا هئا ته هو سيدنا ابوبڪر صديق رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ وٽ هليا ويندا هئا۔ نبي اڪرم، نورِ مجسم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ انهن سان گھڻي محبت ڪندا هئا۔ (فيضان صديق اكبر ص 148)
جهالت واري زماني ۾ حضرت سيدنا عبد الله بن سعيد بن عاص جو نالو حَڪم هو، رَسُولُ الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ انهن جو نالو عبد الله رکيو، هي به اصحابِ صفه مان هئا۔ جاهليت واري زماني ۾ هي ڪاتب هئا (اسلام آڻڻ کان بعد) رَسُولُ الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ انهن کي حڪم فرمايائون ته مديني ۾ ماڻهن کي لکڻ سيکارين. (اسد الغابة ،عبد الله بن سعيد بن العاصي،۳/۲۶۶ملخصا)
صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي الله تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
علم سکو ۽ سيکاريو
پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! سُبْحٰنَ اللہِ عَزَّ وَجَلَّ ! يقيناً جيڪڏهن جذبو سچو هجي ته منزل ڏانهن رهنمائي ڪندو آهي، اَصحابِ صُفّه عَلَیْہِمُ الرِّضْوَان جو عِلمِ دِين سکڻ جو جذبو ڇو ته سچو هو ان ڪري اهي دلجمعي ۽ استقامت سان ان تي هلندا رهيا، فاقن مٿان فاقا ڪندا رهيا، بک ۽ تنگي برداشت ڪندا رهيا پر پنهنجي مقصد (Purpose) کان پوئتي نه هٽيا۔ غور ڪريو! هڪ پاسي اَصحابِ صُفّه جو علمِ دِين حاصل ڪرڻ جو اهڙو جذبو هو جو کائڻ پيئڻ جو ڪو خاص انتظام موجود نه هو، ضرورياتِ زندگي ميسر ناهي، بدن ڍڪڻ جي لاءِ پورا ڪپڙا ناهن، پر پوءِ به خوب شوق ۽ جذبي سان علم دين حاصل ڪرڻ ۾
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami