Book Name:Oraad-o-Wazaef Ki Barakaein
مان مونکي ڪو نقصان ته نه ٿيندو؟ پوءِ يقينًا اهڙو شخص تمام وڏو نادان آهي.
اهڙي طرح اوراد ۽ وظائف جو معاملو آهي ته جيڪڏهن ڪا اسلامي ڀيڻ اوراد ۽ وظائف جي اصولن ۽ قانونن جي پابندي نه ڪري، جن شين کي ڪرڻ گهرجي، انهن کان غافل رهي ۽ جن سان بچڻ گهرجي، انهن ۾ مُبتَلا رهي، ان جي دل ۽ دماغ ۾اهڙا خيال ايندا رهن ته خبر ناهي وظيفو ڪرڻ سان بيماري دور ٿيندي يا نه، وظيفو ڪرڻ سان والد ، مڙس، يا ڀاءُ جي روزيءَ ۾ برڪت ٿيندي يا نه، وظيفو ڪرڻ سان الله پاڪ جي رحمت نازل ٿيندي يا نه، وظيفو ڪرڻ سان ڌيءَ جي شادي ٿيندي يا نه، ڪٿي وظيفو ڪرڻ سان دماغ خراب ته نه ٿي ويندو، ڪٿي وظيفو ڪرڻ سان اُبتو مونکي نقصان ته نه ٿيندو وغيره پوءِ اهڙو اسلامي ڀيڻ پنهنجي مقصد ۾ ڪڏهن به ڪامياب نه ٿي سگهندي ۽ نه ئي ان کي اوراد ۽ وظائف جو ڪو فائدو نصيب ٿيندو. جڏهن ته ان جي مقابلي ۾ اوراد ۽ وظائف جي شرطن ۽ آدابن جي رعايت ڪرڻ واري اسلامي ڀيڻ کي ان جا ڀرپور فائدا ملندا. جيئن ته
اوراد ۽ وظائف جا ضروري آداب
دعوتِ اسلامي جي اداري مڪتبة المدينه جي ڪتاب” جنتي زيور“ ۾ آهي: ياد رکو ته جهڙي طرح جڙين ٻوٽين ۽ سڀني دوائن جي تاثير اُنهيءَ وقت ظاهر ٿيندي آهي جڏهن اُنهيءَ ترڪيب سان اهي دوائون استعمال ڪيون وڃن جيڪي ان جي استعمال جا طريقا آهن، اهڙي طرح عمليات ۽ تعويذن جون به ڪجھ شرطون ڪجھ ترڪيبون ۽ ڪجھ ضروري شيون هونديون آهن ته جيستائين انهن سڀني شين جي رعايت نه ڪئي وڃي، عمليات جي تاثير ظاهر نه ٿيندي ۽ فيض ۽ برڪتون حاصل نه ٿينديون، انهن شرطن مان ست (7) شرطون نهايت اهم ۽ انتهائي ضروري آهن جو جن جي بغير قرآني اعمال ۾ تاثير جي اميد رکڻ ناداني آهي. اهي شرطون هي آهن:
عملن ۽ دعائن جون7 شرطون
(1) حلال گرھ کائڻ ۽ حرام غذائن کان بچڻ. (2) سچ ڳالھائڻ ۽ ڪوڙ کان هميشه بچندو رهڻ. (3) نيت کي درست ۽ پاڪيزه رکڻ جو هر نيڪي الله ڪريم ئي جي لاءِ ڪرڻ. (4) شريعت جي احڪامن جي پوري پوري پابندي ڪرڻ. (5) الله ڪريم جي دين جي ٿنڀن مثال طور قرآن، ڪعبو، نبي، نماز، وغيره جي تعظيم ۽ بزرگانِ دين جو هميشه ادب ۽ احترام ڪرڻ. (6) جيڪو به