Book Name:Oraad-o-Wazaef Ki Barakaein
(4) ارشاد فرمايائين: اي علي (رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ)! مان توکي اهڙا ڪلما نه ٻڌايان، جنهن کي تون مصيبت جي وقت پڙهي وٺين، عرض ڪيائين ضرورارشاد فرمايو! اوهان تي منهجي جان قربان! سموريون ڀلايون مون اوهان کان ئي سکيون آهن، ارشاد فرمايائين: جڏهن تون ڪنهن مصيبت ۾ ڦاسي وڃين ته هن طرح پڙهه: بِسْمِ اللہِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِیْمِ وَلَاحَوْلَ وَلَا قُوَّۃَ اِلَّا بِاللہِ الْعَلِیِّ الْعَظِیْمِ پوءِ الله پاڪ ان جي برڪت سان جن بلائن کي چاهيندو دور فرمائي ڇڏيندو. (عَمَلُ الْیَوْمِ وَاللَّیْلَۃِ،ص۱۲۰)
ان کان علاوه عالمن سڳورن به لَاحوۡل شريف جي برڪتن کي بيان ڪيو آهي. جيئن ته
حڪيم الاُمّت، حضرٽ مفتي احمد يار خان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه لکن ٿا: صوفياءِ ڪرام (رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡهم اجمعين) فرمائن ٿا: جيڪو به صبح ۽ شام ايڪيهه (21) ڀيرا لاحَوۡل شريف (يعني وَلَاحَوْلَ وَلَا قُوَّۃَ اِلَّا بِاللہِ الْعَلِیِّ الْعَظِیْمِ) پاڻيءَ تي دم ڪري پيئندو ڪري ته اِنْ شَــآءَالـلّٰـه شيطاني وسوسن کان امن ۾ رهندو. (مِرآۃالمناجیح،۱/۸۷ملخصاً)
بلاؤں نے مجھے ہر سَمت سے کچھ ایسا گھیرا ہے مرے بڑھتے ہی جاتے ہیں مسائل یارسولَاللہ
تمہیں دیتي ہوں مولیٰ واسِطہ میں چار یاروں کا مِرے ہوجائیں طے مشکل مراحل یارسولَاللہ
(وسائل بخشش مرمم،ص٣٣٥)
پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! عمومي طور جڏهن انسان بيمار هوندو آهي ته سڌو ڪنهن ڊاڪٽر يا حڪيم وٽ ويندو آهي، اهو ڊاڪٽر يا حڪيم مريض جي حالت جي مطابق ان کي ڪجھ شين جي پرهيز ڪرڻ ٻڌائيندو آهي، مثال طور ساديون غذائون کائڻ جي تاڪيد ڪندو آهي، ۽ چوندو آهي ته جيڪڏهن پرهيز ڪندي ته ئي دوا اثر ڪندي، پرهيز ڪرڻ سان جلد علاج ٿيندو، جيڪڏهن پرهيز نه ڪيو ويو ته سواءِ پيسا ضايع ڪرڻ جي ڪجھ هٿ نه ايندو. هاڻي مريض جيڪڏهن پنهنجي طبيب جي هدايت جي مطابق دوا (Medicine) وقت تي کائي ۽ پابندي سان پرهيز به جاري رکي ته اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ اهو جلد صحتياب ٿي ويندو، پر جيڪڏهن اهو وقت تي دوا نه کائي، منع ڪيل شيون به پيٽ ڀري کائيندو پيئندو رهي، ان جي دل ۽ دماغ ۾ هن طرح جا خيال به ايندا رهن ته خبر ناهي دوا اثر ڪندي يا نه، خبر ناهي مونکي شفا ملندي يا نه، ڪٿي هن