Book Name:Oraad-o-Wazaef Ki Barakaein
ظاهر ٿينديون آهن جو جڏهن حضرتِ عوف بن مالڪ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کي دشمنن قيد ڪري ڇڏيو، ته سندن نبيِ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي عطا ڪيل وظيفي کي ڪثرت سان پڙهيو ته قدرتِ الاهي جي جلوَنۡ جون بهارون اچي ويون، الله پاڪ جي مدد شاملِ حال ٿي وئي، زنجيرون خودبخود ٽٽي پيون، قيد مان آزادي نصيب ٿي وئي، سندن جي ڪرامت سان اُٺن جو ڌڻ پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي آواز تي سندن جي پٺيان پٺيان هلڻ لڳو ۽ پاڻ الله پاڪ جي رحمت جو نظارو ڪرڻ کان پوءِ خوشي خوشي پنهنجي گهر ڏانهن روانا ٿي ويا. بيان ڪيل حڪايت مان جتي ڪيترائي خوشبودار مدني گل پنهنجي خوشبو پکيڙي رهيا آهن اتي اسان کي لاحَوۡل شريف جي اهميت به معلوم ٿي ته هي هڪ اهڙو طاقتوَر (Powerfull) وظيفو آهي جيڪو مشڪلات جي دلدل مان ڪڍڻ ۾ نهايت فائديمند آهي، لهٰذا جڏهن به ڪا مشڪل يا بيماري اچي وڪوڙي مثال طور: گهٻراهٽ ٿيندي هجي، جاني يا مالي نقصان ٿي وڃي، مثلاً سامان يا رقم چوري ٿي وڃي، گهر ۾ باھ لڳي وڃي، ناانصافي يا ڌوڪو ٿي وڃي، دشمنن جو خوف، سڪون ختم ڪري ڇڏي، حالات خراب ٿي وڃن، ناحق ڪنهن مقدمي ۾ ڦاسايو وڃي، ڪو حادثو ٿي وڃي، انڌاري، سيلاب يا زلزلو اچي وڃي، گهر ۾ ڪو بيمار ٿي وڃي الغرض هر حال ۾ لَاحَوْلَ وَلَا قُوَّۃَ اِلَّابِاللہ جي ڪثرت ڪئي وڃي، اِنْ شَــآءَالـلّٰـه فائدو ٿيندو ۽ فائدو ڇو نه ٿي جو خود رسول پاڪ، صاحبِ لولاڪ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پنهنجي زبانِ حق ترجمان سان لاحول شريف جا فضائل ۽ ان جي برڪتن کي بيان فرمايو آهي. اچوته! برڪت حاصل ڪرڻ جي لاءِ 4 فرامينِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ٻڌون ٿيون، جيئن ته
(1) ارشاد فرمايائين: لَاحَوْلَ وَلَا قُوَّۃَ اِلَّابِاللہ پڙهندا ڪيو، ڇو جو هي جنت جي خزانن مان هڪ خزانو آهي. (مسلم، کتا ب الذکرو الدعاء باب استحباب خفض الصوت بالذکر ،حدیث : ۲۷۰۴، ص۱۱۱۲)
(2) ارشاد فرمايائين: ڇا مان توهان کي جنت جي دروازن مان هڪ دروازي جي باري ۾ نه ٻڌايان؟ عرض ڪئي وئي، اهو ڪهڙو آهي؟ ارشاد فرمايائين: لَاحَوْلَ وَلَا قُوَّۃَ اِلَّابِالله (مجمع الزوائد ،کتا ب الاذکار، باب ماجاء فی لاحول ولاقوۃ الا باللّٰہ ،۱۰/۱۱۸،حدیث: ۱۶۸۹۷)
(3) ارشاد فرمايائين: جنهن: لَاحَوْلَ وَلَا قُوَّۃَ اِلَّابِالله پڙهيو ته هي (ان جي لاءِ) نوانوي (99) بيمارين جي دوا آهي، انهن مان سڀ کان هلڪي بيماري رنج ۽ غم آهي. (التر غیب والترھیب ، کتاب الذکر والدعاء، التر غیب فی قول لا حول ولا قوۃ الا با اللہ ،۲/۲۹۱، رقم: ۲۴۴۸)